پاڙَ جي سنڌي معنيٰ
جَڙ، بيخ. ڪنھن بہ نباتات جو زمين ۾ پکڙيل، تاندورن وارو حصو وڻ يا ٻوٽي کي مضبوط جهلي ۽ پاڻي چُھي وڻ کي رسائي. پيڙه، بُنياد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A root, origin, source.
پاڙَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]