پُرِ جي سنڌي معنيٰ
ڀريل، ٽُٻُ، ٽار، ٽمٽار. مُنھان تار، لبالب، ڪناتار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Filled, replete, plentifully.
پُرِ جا بيتن ۾ حوالا
آٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين،
پَسِين سي نَہ ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 28 ]
پَسِين سي نَہ ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 28 ]
ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ،
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]
سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ،
جَي ماسو جُڙيئِي مالَ، تَہ پُوڄارا پُرِ ٿِئين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 5 ]
سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ،
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانِهي قِيمَتَ تَنِ، مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 6 ]
جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ،
جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 7 ]
ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چُوندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ کُھِي،
آن ڪا ڏِنِي اوٺِيا کيرِنِ پاسِ کُھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 18 ]

جيڪَرَ رَوان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي،
مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ،
چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ،
ٿَئي گُواکا مَني گوشَ، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 11 ]
مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ،
چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ،
ٿَئي گُواکا مَني گوشَ، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 11 ]
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 9 ]
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 9 ]
پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ،
مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ،
بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 15 ]
مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ،
بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 15 ]
English Meaning
Filled, replete, plentifully.