دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]
آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي،
پَسِئو دُونھِي دوسِتَ جِي، جِيءُ مُنھِنجو جَلي،
تَنُ وَڌائِين تارِ ۾، آڌِيءَ ريَنَ اُڇَلي،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَلي،
مَحبتِيءَ ميھارَ جو، سُورُ مُونھِين کي سَلي.
[ سُر سھڻي، وايون، 7 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]
اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 35 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ.
پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،
ڏُکندو سَڀوئِي ڏُورِ ڪِئو، مَنجُهون تَنَ طَبِيبُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھاتِڪُ آھِ حَبِيبُ،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 22 ]
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ،
مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو ڪِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 25 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*pri- pr?-, Proto-Indo-European root meaning "to love." In some languages (notably Germanic and Celtic) it developed derivatives with the sense "free, not in bondage," perhaps via "beloved" or "friend" being applied to the free members of one's clan (as opposed to slaves). It forms all or part of: afraid; affray; filibuster; Frederick; free; freebooter; freedom; friend; Friday; Frigg; Godfrey; Geoffrey; Siegfried; Winfred. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit priyah "own, dear, beloved," priyate "loves;" Old Church Slavonic prijati "to help," prijatelji "friend;" Welsh rhydd "free;" Old English freo "exempt from; not in bondage, acting of one's own will," Gothic frijon "to love," Old English freod "affection, friendship, peace," friga "love," friðu "peace," Old Norse Frigg, name of the wife of Odin, literally "beloved" or "loving."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)