لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]
مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون جيڏِيُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 15 ]
جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 5 ]
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
جَنِي ريءَ جَھانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ ڳارانجهو ڳوٺِ،
جٖي ڏَمَرِئا ڪَنھِن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 7 ]
ليکِئمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِئامِ،
پاڻُ وِڃائي پانھِنجا، ٿورا ٿُڪَ ھَنيامِ،
بَندَگِي اَفگنَدَگِي شَرمِندَگِي، اِھا ميڙ مُڪِيامِ،
پِرِين تَبِ پَرچِئامِ، آئُون جَبِ اُٺَ گَئِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 9 ]
ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ،
اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو جِيئَن مورَ،
سيڻين سِرکَنڊُ سَپَجي، ٻِئو عَطُرَ پِرِين اَتورَ،
ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِھِين، آرِياڻِيءَ جا ھورَ.
[ سُر ڏھر، وايون، 1 ]
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*pri- pr?-, Proto-Indo-European root meaning "to love." In some languages (notably Germanic and Celtic) it developed derivatives with the sense "free, not in bondage," perhaps via "beloved" or "friend" being applied to the free members of one's clan (as opposed to slaves). It forms all or part of: afraid; affray; filibuster; Frederick; free; freebooter; freedom; friend; Friday; Frigg; Godfrey; Geoffrey; Siegfried; Winfred. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit priyah "own, dear, beloved," priyate "loves;" Old Church Slavonic prijati "to help," prijatelji "friend;" Welsh rhydd "free;" Old English freo "exempt from; not in bondage, acting of one's own will," Gothic frijon "to love," Old English freod "affection, friendship, peace," friga "love," friðu "peace," Old Norse Frigg, name of the wife of Odin, literally "beloved" or "loving."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)