چَڱِي جي سنڌي معنيٰ
سٺي، ڀلي، پت واري، فھميدي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good
چَڱِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان،
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جٖي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھندِي تَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 15 ]
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جٖي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھندِي تَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 15 ]
پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي،
ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي،
تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي،
ھُوندَ نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي چِٽائي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 6 ]
ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي،
تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي،
ھُوندَ نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي چِٽائي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 6 ]
ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجانِ نَہ چُئان،
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ،
چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 4 ]
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِئا وِنگا وَرَ ڏِناءِ،
چَڱِي ڪانَہ ڪِياءِ، جِيئَن پيرُ وِڃايُئِي پِرِينءَ جو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 4 ]
مَرُ مَعذُورِ ھُئان، اَلا چَڱِي مَ ٿِيان،
رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 33 ]
رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 33 ]
تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ،
ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ،
تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ وارِينِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، اِتي اِخِتيارِينِ،
پَرِ چَڱِي پارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 3 ]

واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ،
وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ،
وَٱللَّهُ غَالِبٌ عَلَىٰ أَمۡرِہ ، پَرِ چَڱِي پارِينِ،
لاھُوتِي لَڏِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 26 ]

اَڄُ اوٺِي آيو، ڏيھَ ڏاڏاڻِين ڏانھَن،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئا گَرِيبَنِ گاهَ،
عُمَرَ کي اللهَ، ڪا چَڱِي وِجِهجِ چِتَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 3 ]
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئا گَرِيبَنِ گاهَ،
عُمَرَ کي اللهَ، ڪا چَڱِي وِجِهجِ چِتَ ۾.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 3 ]
ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ،
جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ،
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي مَٺِي ڀانئِين موٽِئا.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 6 ]
جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ،
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جَي مَٺِي ڀانئِين موٽِئا.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 6 ]
English Meaning
Good