ڏاتِ جي سنڌي معنيٰ
ڪابہ ڏنل شئي، بَخشش، خيرات، دانُ، سخا، ڏاڻُ، خدائي بخشش، خدائي، عنايت، الاهي ڏاج، قدرت جي طرفان مليل غير معمولي طاقت. ڪشادہ دلي، اُدارتا، سخاوت، فَرخُ. انعام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blessing, Godly gift, any gut which is by birth comes, natural award.
ڏاتِ جا بيتن ۾ حوالا
چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ،
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ،
وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ جاتِ،
ڏيھُ ڏِنو ڏاتِ، مِيين مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 5 ]
نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ،
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 8 ]
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 8 ]
آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين،
ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ،
اويُون آرِياڻِيءَ جُون، ڀَرِيان سَڄِيائِي راتِ،
تان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، جان نَہ وِھامي راتِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 2 ]
ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ،
اويُون آرِياڻِيءَ جُون، ڀَرِيان سَڄِيائِي راتِ،
تان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، جان نَہ وِھامي راتِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 2 ]
ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ،
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]
ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي،
ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري،
آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ سَھي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَھي، تَنھِن کي جُکِي جانڪِيتا نَہ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 12 ]
ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري،
آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ سَھي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَھي، تَنھِن کي جُکِي جانڪِيتا نَہ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 12 ]
جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ،
جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ،
اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَلي سُورِيءَ چاڙِھِئا، بَيانُ ڪَنِ نَہ باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تَہ ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 23 ]