ڪَئِي جي سنڌي معنيٰ
ڪئي، ڪيئي، ادا ڪيئي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Done, did
ڪَئِي جا بيتن ۾ حوالا
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪَئِي چوٽِي،
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ،
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]

غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ،
جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،
مَتان ڪا مُون سان ھَلي، نِينھُن مِڙيوئِي نانگُ،
عاشِقَ سُڻِي اُٿِئا، بِرھَ وارِيۡ بانگَ،
اَڌَ مُئِي ڪَئِي آھيان، ڪِي جو ڪَھِيو ڪانگَ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، تُڪا ھينَڙَمِ، تانگهَہ.
[ سُر ديسي، وايون، 14 ]

ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي،
اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،
اُنِ کي سارِي راتِ سَيِّدُ چئَي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي،
ڪَرِئو سيڻَ سَھِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 5 ]