ڪَچُ جي سنڌي معنيٰ
ڪچو، شيشو. ڪَاچُ، ڪانچُ. ڪوڙُ، جوٺُ، کوٽ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Glass, false, fabricated, nulled.
ڪَچُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]

اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]

اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 15 ]
سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ اَچُ،
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ،
ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 12 ]

مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]

جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ،
ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ،
ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ، ھُتِ حَرَفُ نَہ ھَلَندُءِ ھِڪِڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 11 ]

پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي،
لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ،
وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ ڪِي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 27 ]