ڪَھِي جي سنڌي معنيٰ
. ڏکيو سفر ڪري، تڪليف ۽ محنت سان ڊگهو پنڌ پورو ڪندي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To labor along, toil, journey.
ڪَھِي جا بيتن ۾ حوالا
وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
اُونِهي ۾ اوھَرِي، ڪَھِي ڪَچي ساڻُ،
سُپَڪَ جو سَيِّدُ چئَي، پُڇي نَہ پَرياڻُ،
عِشقَ وارِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
جَنِي پاسي پاڻُ، سي اَوتَڙان ئِي اُکَتِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 8 ]

پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 13 ]

ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي،
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]

اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]

سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ،
سا مَھِندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 4 ]

وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ پَرَچي،
مُون کي تَھِين مارِئو، جَتَنِ مُون کي جا چَئِي،
وِندُرَ واٽَڙِيُنِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَھِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چَئِي،
اَمُلَ ڀايان اُنَ کي، ساجَنَ مُون کي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، وايون، 5 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]

ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري،
وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳِئان آرِيءَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪَنھِن پَرِ راتِ رَھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 2 ]

ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]