Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪوھياري جَي پڇتاءَ ۽ انومان جو بيت
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پيرُ،
ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ،
آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ ڀاڱي رَنَ جي.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جي حالت) آءٌ پنھنجي سڄڻ خاطر ڪيئن روئان، مون کي پار ڪڍي روئڻ نٿو اچي. مان تہ روڄ راڙي جي حوالي ٿي ويئي آهيان ۽ سورن دردن منھنجي اندر ۾ واٽون ٺاهي ڇڏيون (منھنجو اندر سورن سان ڀرجي ويو آهي). آءٌ آري ڄام لاءِ ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري اُٿي پيئي بيھان ۽ بي حال (مٿي اگهاڙي) ٿي پيئي ڦيريون پايان ۽ اهائي لوچ پوچ منھنجي قسمت ۾ لکيل آهي.
[’رقص‘ روميءَ جو پسنديدہ اصطلاح آهي ۽ مولوي سلسلي ۾ ’رقص درويشان‘ رائج آهي. مثنوي روميءَ ۾ پڻ بيخود ٿيڻ يعني پاڻ وڃائي رقص ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو:
رقص و جولان برسر ميدان کند،
رقص اندر خون خود مردان کند.
(دفتر سوم، ب- 95)
معنيٰ: اهي مرد رقص ۽ مستي جنگ جي ميدان تي ڪندا آهن. اهي پنھنجي رت ۾ وهنجي رقص ڪندا آهن.
اڳتي چوي ٿو:
چون رهند از دست خود دستي زنند،
چون رهند از نقص خود رقصي کنند.
(دفتر سوم، ب- 96)
معنيٰ: جڏهن هو پنھنجو پاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا تہ تاڙيون وڄائن ٿا ۽ جڏهن پنھنجي گهٽتاين کان ٻاهر نڪرن ٿا تہ رقص ڪن ٿا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 204
ڪَهِپَرِ رُوْئَا پِرْيَکٖيْ پَارُ نَڃَانَا پٖيْرُ﮶
ڀَنَنُ مُنْ ڀٖيْرُوْ ٿِئُوْ سُوْرَنِ لَائِيُوْ سُوْرُ﮶
آَرِيَ لَىءِ اُلٖيْرَ رَقْصُ ڀَانَکٖيْ رَنَ جٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
किंहिं परि रुआं पिरींअ खे। पार न जा॒णां पेरु।
भनणु मूं भेड़ो थिओ। सूरनि लायो सेरु।
आरीअ लए उलेरु। रक़्सु भाङे रन जे।
ROMAN SINDHI
Kanhin par'ay ru'aa'n pireen'a paar'a na jjaannaa'n per'u,
bhanann'u moo'n bherro thi'o, sooran'ay laayo ser'u,
aari'a la'ee uler'u, raqs'u bhaangi ran'a jay.
TRANSLATIONS
How should I weep before the beloved? I know not the direction he has taken, nor am I able to locate his footprints. Woes have overwhelmed me on all sides and lamentations are my lot. It is now my fate, as a bereaved woman, to toil and search enthusiastically for the Ari Lord.
How to weep before the beloved, I know not his footprints,
I lament all the time, sorrows have surrounded me,
To strive and roam about in search of Aari is my destiny.
کول پنن دے کِکوں پہنچاں اوس دا درد رُلاوے
بِرہاں سولاں پیر پُرنے رویا وی نا جاوے
پنن دے لئی بھڑ کن لُچھن، کرماں دے وچ میرے
کیسے روؤں یار کے آگے، انجانی ہے راہ،
پل پل یار کا ماتم ہے اور، پل پل لب پر آہ،
دل میں درد اتھاہ، قسمت ہے کہ دشت میں بھٹکوں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڌِيءَ اُو اُٿِي وِئا، ڪَرُ…
- (بيت) توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ…
- (بيت) سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ…
- (بيت) سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ…
- (بيت) موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ…
- (بيت) مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي…
- (بيت) مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو، وِڌائُون…
- (بيت) ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، ھَلجِ…
- (بيت) ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
