Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 28 سيڪڙو
سمجهاڻي
(وڻجاري دعائون پيئي گهري) شال هنن جو سفر سولو ۽ سکيو ٿئي ۽ منھنجا سپرين سلامت هجن. هو دل ۾ جيڪو مقصد رکي سفر تي چڙهيا آهن سو ڪاڄ سندن پورو بيھي ۽ لايو سجايو ٿئي. شل انهن جي ڀاڱي (نصيب) ۾ جدائي ۽ فراق وارو اهڙو درد نہ هجي، جيڪو هو مون کي ڏيئي هليا ويا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सफ़रु सुखेरोनि। हूनि सलामत सुपिरीं।
चड़हिआ जो चिति करे। पुनू सुकाजो॒नि।
तिआं म भागो॒नि। जिआं मूं डे॒ई हलिआ।
ROMAN SINDHI
Safar sekhroon, hoon salaamat supreen,
Charha jo chitt karey, peow sukaa joon,
Teaan me bhaGoon, jeaan moon deiye halea.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ…
- (بيت) اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،…
- (بيت) جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ…
- (بيت) جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ…
- (بيت) جٖي پھرِين پُورِ، آھِيان گهورِي…
- (بيت) سامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيَمِ جِيءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ…
- (بيت) سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ…
- (بيت) ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا…
- (بيت) وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ…
- (بيت) وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ…
- (بيت) پرَڏيھِ پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،…
- (بيت) ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ…
- (بيت) ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ…
- (بيت) ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،…
- (بيت) ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
