لَھِي بابت
معنيٰ
اتري، گهري، پڪڙي، ھيٺ ٿي، نڪري، ھاڪاري
obtain, find, acquire, get. To value, be priced at, shell, be worth. Stop at, go or get down, come down, disembark, set as sun, to be taken down or off, to be settled, adjusted, an account, to take up
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ، ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ، اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ ھَنيوسِ، ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- مِٺيُون لَھِي مُھان، جَي تو چانگا چِنِيُون، وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو، سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ، وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ، تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو، مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو، مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ، سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ، ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي، پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ، سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي اَکِيُون ڀَري ٻاجَهہ، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجهَہ، سوڍا لَھِي ساجَهہ، پَسُ تو…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهنِ ڪِينَ پَئِي، سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَھِي، وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي، وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو، مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا، ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- عُمَرَ اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنِهين ڏيھَ جا، پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ، لَھِي لوھَ وِئامِ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي، تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي، ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي، قَيدالماءِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- سِڄُ لَھِي سانجِهي ٿِي، وَڻين ھَنئِي وَڻِڪَ، ساجَنَ تُنھِنجِيءَ سِڪَ، موٽِئو ماڳَ نِھارِيان.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]