مَحبُوبَ بابت
معنيٰ
پيار ڪندڙ، پيار وارو، لالَڻ، ساڄن، ڍولڻ، محب، پريتم، جانب، جاني، پيارو، سپرين، معشوق، دلدار، دل پسند، سينڌو، چگهہ
Beloved, a lover, a sweetheart.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھئَي ھئَي وَھي ھاءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جِي، جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ ٻَرِي باھِ، پَسو مَچَ مَٿا، جي مُون ويساھِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي، جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ، اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ، ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ، تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ، سُورِي ڀانءِ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ، پاھان پَڳَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ، سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ، ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ، مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ، جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ، مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئَين، ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون، جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- جيڪَرَ رَوان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي، مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ، چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ، ٿَئي گُواکا…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين، دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ، ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي، اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ، اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو، مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا نَہ ڪا، توڻي اَگَلِي آھِيان، تان پِي سَندي تَنِ، جا مُون ڏيئِي جَنِ، مُنھِنجُون ڍِلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي مَحبُوبَ کي، لالَڻَ لايَئِي ڏِينھَڙا، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگِ، اَوِھان ريءَ اَڙانگِ، ويٺِي وِرِھَ وَسايان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي، سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي، پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي، سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جِيئَن جِيئَن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِيئَن نَشا نِينھَن جا، مَحَبتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُومُ ٿِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]