اَٺَ بابت
معنيٰ
هڪ انگ (عدد) جو نالو، ٻہ چَونڪ، 8.
Eight.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ چالِيھا رَکُ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ، تان تُون پاڻُ پَرِکُ، ھُو سَڀَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو، اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ، پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَٺَئِي پَھَرَ اوڙاھَ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهاري، وَسَ نَہ ويچاري، تَہ ڪِيئَن ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون، مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، اَٺَئِي پَھَرَ اَٿِنِ، سَعيو ڪَنھِن سَفَرَ جو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾، وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ، لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ، پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- موٽِي مَڱڻَھارَ، شالَ مَ اَچين ڪَڏِھِين، اَٺَئِي پَھَرَ عَلِيلَ کي، ڪُنڍو مَنجِهہ ڪَپارَ، جَنھِن تو سَڀَ ڄَمارَ، ھَنيا ڇَٽَ پَٽَنِ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ جُهونُو ٿِي ڄُلُ، وَسائيج وُجُودَ ۾، اَٺَئِي پَھَرَ امُلُ، تَہ سَندو ھائِيءَ ھُلُ، ڪَڏِھِين ڪَنين…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري، اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ، مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- آھِيُون اَجهي جَنھِن جي، تَنھِن وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ، ٻاجَهہ جَنھِن جِي ٻارَ، اَٺَئِي پَھَرَ اگُوندَرا.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جِيَنِ سين سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھرَ اَگُوندِرا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي پَھرَ اَرٽَ سين، تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]