Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ چالِيھا رَکُ،
پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ،
تان تُون پاڻُ پَرِکُ، ھُو سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون.
رسالن ۾ موجودگي: 83 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي طالب) تنھنجو پنھنجو جسم کُڏي (ننڍڙي مسجد) آهي ۽ تنھنجو ’مَن‘ ئي حجرو (نويڪلائيءَ جي جاءِ) آهي، انهن جي هوندي ظاهري چاليھا رکڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. (چاليھي جو مطلب آهي تہ جڏهن طالب چاليھن ڏينھن تائين پاڻ کي ڪنھن ڪوٺي يا ڪمري ۾ بند ڪري ويھي عبادت ڪري ۽ ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز ڪري). انهيءَ لحاظ سان تون پنھنجي حياتيءَ جي هر لمحي ۾، ڏينھن توڙي رات جو هر وقت ڇو نہ ٿو ان لڪل (اکين کان پوشيدہ) ذات جي ٻانهپ ڪرين. تون پنھنجو پاڻ کي آزمائي ۽ اکيون کولي ڏس تہ اهو صاحب هر وقت تنھنجي سامهون آهي.
[مثنويءَ ۾ پڻ ان خيال جي ترجماني ملي ٿي:
مسجدي کآن اندرون اولياست،
سجده گاھ جمله است، آنجا خداست.
(دفتر دوم، ب- 3111)
معنيٰ: اها ئي حقيقي مسجد آهي، جيڪا اوليائن جي اندر ۾ آهي، اهڙي دل سڀني لاءِ خانہ خدا آهي ۽ خدا انهيءَ ۾ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तनु खुडी॒ मनु हुजिरो। कीमि चालीहा रखु।
पूजि॒ओ कोहु न पूजि॒यीं। आठिई पहर अलखु।
तां तूं पाणु परखु। हू सभकंहिं डां॒हं सामुहों॥
ROMAN SINDHI
Tan'u khuDee man'u hujro, keem chaleeha rakh'u,
PooJhhiyo koh'u na pooJhheen, athhaee pahar'a alakh'u,
Taan toon paann'u parakh'u, ho sabh'a kenhn Danhn saamhoon.
TRANSLATIONS
Please assume your body as the mosque and your heart as the retiring chamber for contemplation of Allah. But that should not be for the conventional abstinence and meditation for forty days only. That is meaningless. Better take to adoring the Invisible (Allah) at all times. If you look within yourself introspectively, you will know your identity or self and you will find Allah. He is surely in front of every person.
O you who believe! Remember Allah with much remembrance; and glorify Him (every) morning and evening . (41,42, AI-Ahzab)
TRADITION: He who recognizes his heart properly will be able to find Allah in it and recognize him. Knowledge of human heart is the key to ‘Maarfat’.
Note: According to Moulana Roomi a human heart is the door to Allah.
Your body is the mosque, your mind contemplation's chamber,
Why day and night your Lord you remember not?
Know yourself that you may see Him, in one and all.
Your body is mosque, your heart an antechamber,
Why don't you worship the imperceptible all the time?
Know yourself and you will see Him in everywhere.
الجسد معبد القلب حجرة العبادة. لا تصوم أربعين يوما.
لأي سبب تعبد ثماني ساعات يعني كل وقت أنت تعبد إعرف نفسك .
ترى ربك فى كل مكان.
هنا السيد الشاعر يشير إلى تنظيف القلب. وهو يقول الإنسان يعبد كأنه لا يعبد لأن قلبه مائل إلى الدنيا. وهو لا يخلص بعبادة ربه هو يصوم ويصلي ودائما واقف أمام ربه ولاكن فى قلبه افكار الدنيا. السيد الشاعر:
يقول: على الإنسان لو يعرف نفسه يعرف ربه. من عرف نفسه عرف ربه.
دلت حجرہ، تنت مسجد، ضرورت نیست چلّھ را
بغیر از حاجت دیگر، پرستارِ خدا می باش
شانسی خویش را آگاہ باشی از ھمہ حکمت
گذر ہر کدورت، مایلِ صدق و صفا می باش
تن مسجد من ھجرا تیرا بہہ جا چِھلے سمادھیں
الکھ نِرنجن آپنے اندر اٹھے پہر اراد ھیں
اپنا مول پچھانے جیکر ، سبھ تھاں نظریں آوے
چلّے کاٹ تو مت کہ تیرا، تن کھڈی من حُجرہ،
کیوں نہ پوجے اس ساجن کو، جو موجود ہے ہر جا،
پرکھ کے دیکھ ذرا سا، تو سب میں دیکھے ساجن کو۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا…
- (بيت) اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين…
- (بيت) اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ…
- (بيت) اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو…
- (بيت) اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي…
- (بيت) تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي…
- (بيت) تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو…
- (بيت) جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي،…
- (بيت) جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي،…
- (بيت) جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي،…
- (بيت) جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي…
- (بيت) جِنِ کي دَورُ دَردَ جو،…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن…
- (بيت) سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ…
- (بيت) سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو…
- (بيت) سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين…
- (بيت) سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ…
- (بيت) عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،…
- (بيت) مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ…
- (بيت) مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ…
- (بيت) مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ…
- (بيت) وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ…
- (بيت) پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“…
- (بيت) پَني ۾ پيھِي تان تُون…
- (بيت) پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ…
- (بيت) پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ…
- (بيت) پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي…
- (بيت) ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ…
- (بيت) ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ…
- (بيت) ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ…
- (بيت) ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو…
- (بيت) ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)