Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
پَني ۾ پيھِي تان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو،
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ تون ڪيترا پنا (ڪتاب) پڙهيو آهين، پر تون الف (الله) جي معرفت کي نہ ڄاتو. محبوب حقيقي جي راز واري ڳالهہ ڪا جھڙي تھڙي (عام معمولي) ڳالهہ ڪانهي (جيڪا سولائي سان حاصل ٿئي). اي ظاهري فتوائون ڏيڻ وارا قاضي، تو کي هن (الاهي عشق ۽ محبت) واري ڪتاب جي ڪھڙي خبر! (تو کي ڪا خبر ناهي).
[قاضين جي ظاهري علم بابت مثنويءَ ۾ پڻ هي تنقيدي شعر ملي ٿو:
قاضياني که بہ ظاهرمي تنند،
حکم براشکال ظاهر مي کنند.
(دفتر چهارم، ب-2175)
معنيٰ: قاضي هميشه ظاهر تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ انهيءَ ڪري ظاهري شاهدين جي آڌار تي فيصلو ڪندا آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1038
پَنٖيْ م﮼ پٖيْھِيْ تَا تُنْ اَلِفُ نَہ اُجِئُوْ﮶
کَالِ پِرْيَانجٖيْ کُجَہ جِيْ جٖيْھِيْ نَتٖيْھِيْ﮶
خَبَرَ تُوْ ڪٖيْھِيْ قَاضِيْ هِنَ ڪِتَابَجِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पने में पेही। तां तूं अलिफ़ु न उझिओ।
गा॒लिहि प्रियां जे गु॒झ जी। जेही न तेही।
ख़बर तो केही। क़ाज़ी हिन किताब जी॥
ROMAN SINDHI
Pane me pehi taan toon alif'u na uJhiyo,
Ggaalh piriyaan je gguJh'a jee, jehi na tehi,
Khabar'a to kehi, QaZi hin'a kitaab'a jee.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا…
- (بيت) اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين…
- (بيت) اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ…
- (بيت) اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو…
- (بيت) اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي…
- (بيت) تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ…
- (بيت) تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي…
- (بيت) تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو…
- (بيت) جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي،…
- (بيت) جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي،…
- (بيت) جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي،…
- (بيت) جَي ھَرائِيَين ھِيَين تي، سَندِي…
- (بيت) جِنِ کي دَورُ دَردَ جو،…
- (بيت) جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن…
- (بيت) سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ…
- (بيت) سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو…
- (بيت) سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين…
- (بيت) سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن…
- (بيت) ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ…
- (بيت) عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا،…
- (بيت) مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ…
- (بيت) مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ…
- (بيت) مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ…
- (بيت) وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ…
- (بيت) پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“…
- (بيت) پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ…
- (بيت) پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ…
- (بيت) پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي…
- (بيت) ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ…
- (بيت) ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ…
- (بيت) ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه…
- (بيت) ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ…
- (بيت) ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو…
- (بيت) ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي،…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
