تانۡ بابت
معنيٰ
تنھن وقت، تنھن ويل، انهيءَ وقت. وقت جي حد تائين، وقت جي پڄاڻي تائين، نيٺ. تيستائين، ايتري تائين.
From on, down from, off, from such time as.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن، تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن، تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي، تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي، وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو، جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون، مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس، تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو، ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن، سَندِي ڪَپَرَ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ، مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ، جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ، جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي ڪَرِ پَرھيزَ کي، جَنِ ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِينَ سَڀَيئِي دُورِ ڪِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- آئُون تانۡ اِھَڙِيائِي، جَا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چَوان، مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي، ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ، سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- تانۡ مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جانۡ آرِياڻِي اَڳَ، ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ، ٻِئا پُڻ جَتَنِ جَڳَ،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سِڪِي جانۡ سُتِياسِ، تانۡ سِڪَ سُمَهڻ نَہ ڏي، جاڳِي سُتِيسَ جَنِ لاءِ، سي آيا تان نَہ اُٿِياسِ، ڀينَرُ آئُون ڀُلِياسِ،…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو، مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا، اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ تانۡ ڀَنَڻُ نَہ ٿِئي، ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا، دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ، ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ٻيلي ٻَئِي پارَ، جانۡ مُون نيڻين گهَڻو نِھارِئا، چوري رَکِئَمِ چِتَ ۾، ڏِسِنِ جا ڏاتارَ، تانۡ ھِيءُ سِرُ توھان ڌارَ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ، تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، تانۡ تانۡ ھوئِجِ حُجري، جانۡ جانۡ جارُ جِيي، جَڏھِن پاسي پاڻُ ٿِيي، تَڏِھِين…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، جاڳَرُ جوڳِيَڙَنِ جو، ساري سَناسِيَنِ کي، جانۡ رُوندِينءَ تانۡ رو، پَسُ پاسِئان تو، لاھُوتِي لَڏي وِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ نَہ پورِهيو، جانۡ تُون ڏِيندَڙُ تَنِ، تانۡ آسَ اَسانھِين نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ، مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ، سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ سُجُودُ، وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ ڏِئو رَنڱَ، سَڳايُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِي ڪِينَ ڪَري.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جانۡ جَرُ ھُئَڙو جالَ، پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا، تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ، سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ، ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ، سَندو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين، مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ، جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]