تِيئَن بابت
معنيٰ
تھڙيءَ ريت، تھڙيءَ طرح. ’جيئن‘ جو مثالي جواب ”جيئن جو تيئن ڪر“.
Same like, as it, as that
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾، تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن تِيئَن ڏِٺو ڏوھُ، رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين، اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري، جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي، سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون، ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن، قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن، سَرَتِيُون…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي، ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ، تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھِين اَکنِئا ٻَھارِ، پِرِين تُنھِنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون، وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون، مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ، وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون، جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين، سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ، ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- نِڪِرُ نِماڻِي، پَرَتِيئَن پُنهونءَ ڄامَ کي، سِڳَرَ ۾ سَيِّدُ چئَي، ھوتَنِ ٿِيءُ ھاڻِي، توکي سُڃاڻِي، پاڻَهِين ڪَندا پانھنجو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ، اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ، ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي، ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي، ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ، ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سُتِيئَن سَوارِي، مُنھُن ويڙھي مُينُ جِيئَن، ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جا، چَوڌارِي چارِي، تيلاھَ ويچارِي، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن، اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي، ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو، ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جِيئَن جِيئَن ڀِڄي راتِ، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڀورِيءَ ٻِي نَہ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- جِيئَن جِيئَن تَپي ڏِينھُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي، ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪاروُن جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِي مَسَ اچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِئو ڪيچِ وَڃَنِ، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھَ تي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ پِہ اوڏا سُپِرِين، ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ، جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي، لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن، تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن راڻي گهَرِ راڄِيُون، مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ، تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ جِيھين چوءِ، راڻو تِيئَن نَہ روءِ، ڳوڙھو جِيئَن ڳَلِ ڳَڙي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جَي پُڇَنِ اللهُ، رِڙِھي لَڌائُون راھُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِيئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ، رِڙھِي لَڌائُون، رَندُ، لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين، ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ، اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ، جِيئَن پارو پَوارا ڪَري،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ، آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ، چُئان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ، جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ، جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ، ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا، جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ، سائِينءَ لَڳِ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو دَرِ عَيبَ اَپارَ، جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ، اَڻَ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو، خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو، نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي…[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو، تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن آئُون وَرَ وِلِهِي مَ ٿِيان، پِرِين تُنھِنجي پاندَ، ڍولا ڍَڪِي آھِيان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي لَهرِ اَڌَ ٿِئي، تُون پُڻ آھِين تِيئَن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينھَڙو.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- اُٿِئو اَٻوجها، سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئو، جِيئَن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نَہ سِکِئا، تِيئَن پاڻان رِيڌو راءُ، مَڱو مُون مُلا، آئُون…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري، سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن، تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- وَقتُ جو وَڃي، سو قَضا ٿِئي ڪِيئَن، جَا پَرِ عَزازِيلَ جِي، تان نَہ گُهرِجي تِيئَن.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا، اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ، جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- وَسَنِ ۽ وِھسَنِ، ڏِھاڙِي ڏِسَڻَ لاءِ، جِيئَن جِيئَن پِرِين پَسَنِ، تِيئَن تِيئَن نَشا نِينھَن جا.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جِيئَن جِيئَن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِيئَن نَشا نِينھَن جا، مَحَبتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُومُ ٿِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جانۡ تَنُ ڪِئوءِ نَہ تِيئَن، سُوئِيڙَيائِين سَنِهڙو، پِرِين پائِيندا ڪِيئَن، توکي اکَڙِئَنِ ۾.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- صائِمُ سِڪي جِيئَن، اَذانَ جي آوازَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- جِيئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين، ڏِنِيُون لَسَ لَطِيفُ چئَي، ھِينئَڙي کي حَمِيرَ، وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين، سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ، تَنِي ري حَمِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- عُمَرَ ٻَنِ جِيوءِ، کُوءِ مُنھِنجو سُومَرا، جا پَرِ پَنوَھارَنِ جِي، مُون تِيئَن نَہ ڪِئوءِ، وَٺِي مُنھُن ڪِھو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾، واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن، نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- جِيئَن هِتِ لَونگَ لِيارَ، تِيئَن هُتِ ڦوڳَ ڦوٽَنِئُون اڳِرا، سَرَهِي سُڳندِيُنِ کان، پُسِي کِين پَنوهارَ، ماکِيان مِٺا ڀانيان، سَندا ڏنئُرَنِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ، تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ، ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئيجِ، سَندا سَنگَتِ ڏِينھَڙا، وَرَ مَ وِساريجِ، ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگِهي سارَ لَھيجِ، مُٺِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻِ، جِيئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، آئُون تِيئَن سُورَنِ ساڻِ، ڪِجاھُ ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾، جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]