ويسَرِي بابت
معنيٰ
ويسر کاڌِي، ويسري، وسوڙل، غافل، بي خبر، وساريندڙ، ويسِلي.
Forgetful.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسَرِي، سُونھين ٿِيءُ سُواٽَ، تَہ مَنجهان دِلِ دُکُ لَھي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ مُگَٽَ موڙَ، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ، مُون ويسَرِيءَ وِڃايا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا، طامِعِ آھِيان توھَ جي. اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ، ھِنَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]