پِرِيَنِ بابت
معنيٰ
دوستَن، سنگتين، يارَن، سڄڻَن، گهڻگهرن، محبوبَن وغيرہ
Beloveds, friends
بيتن ۽ وائين ۾
- مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ، اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ، ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري، جَو لَڳُمِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ، ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، مَحَبتَ رَکِي مَنِ، سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، تَنَ ۾ آھي تَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ پَسايو، اُنِهيِين کي اُئائِين، لِياڪا پائِڻُ آيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ، پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ، تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئَين سُرخُرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي، پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي، اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون ھِينئَڙو جَهلِئو، وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو، لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو، ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ، روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو، مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو، سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ، باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاھِ، پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ، مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ، ڪَپَرُ ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ، مارِينِھُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- مُون کي جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي ڳالِهہ ڪَري، ڊَٺو اَڄُ اَڏيِو، ھِينئَڙو ڪوٽَ بُرِجَ جِيئَن.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- لاڄُو ٿا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِھارِئان.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ پِرِيَنِ جو، چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ، آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي، مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون، ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان، ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ، ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ ۾، پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري، ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اَدا اي ٻانڌِي! توکي ڪَڙَھان ڪِ پاڻَ کي؟ سُوڌِي خَبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندِي، تُون پاتارِ پانڌِي، اَسان پَنڌُ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي، ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ، سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا، لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا، ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ، پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ، سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- کامان پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان، تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيان نَہ ڍاپان، سَمُنڊُ مُنھِن ڪَرِيان، توءِ سُرِڪِيائِي نَہ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَوين سائِرَ گَجَنِ، تَہ سَھجُ نَہ مَٽِي سُهڻِي، ڪِ ڪي نِينھَن ڇِڄَنِ، پَرِ تَنھِين پِرِيَنِ سين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- نَہ ناناڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏاڏاڻِئا، وَڏائِي وَڙَ ٿِئا، مُون سين پِرِيَنِ جي پاران.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون، جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان، ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان، مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي، آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي، پَسِئو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي، مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي، ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ، چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُون وِھسَنِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَري، ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ، آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ، ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي، اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو، مُون کي ڏِينھَن…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان، جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي، پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئا ھوتَ قَرارُ، رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين، لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ، ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَن پِرِيتَڻُو پِرِيَنِ سين، سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇاتِيء سِينءَ، ڪيچِي ڪاھي ڪَرَھا، مُونهان وَڃَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ سيئِي آڻِ، پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- لَڪَ لَنگهِيائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾، تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، وَڃِي ڏِيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾، چَڙِھِي ڏُونگَرَ چوٽِيين…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪو، قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو، ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ڪو ساڄَنُ…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ، قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ، سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جا وِرَھَنِ، چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگِهي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا، سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا، جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ، ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ٻاروچا ٻاجهَہ پَئِي، مان کي نِيندا ساڻُ، ڏِيندا مُون ڏُکِي کي، اَلَھَ لَڳِ اُھڃاڻَ، لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، آئُون ٿِي مَران ماءُ، پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ، جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين، سي وَڃِي ٿِئا ڪيچِ قَرارِ، رُئان زارورزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سُورَ نَہ ساڱاھِين، ڏِينِ اُڌَما اوچِتا، مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، اَمَيا آھِينِ، لَڄُون جي لاھِينِ، سيئِي ٿِيَمِ سامُھان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو، پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ، ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون، ھاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو، پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي، پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ، جٖي ماڻُهنِ کي…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو، سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪوئِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪوئِي جَبَلُ جهاڳِيان، پَھچان وو پَھچان شالَ پِرِيَنِ کي، ڀَڳو ڀيرِيان نَہ ڀِري، چَرَکي لَڳَڙي ڪا، واڍي…[ سُر حسيني - وايون ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- اَڄُ پُڻ اَکَڙِيُنِ، پَنھِنجا سَڄَڻَ سارِئا، ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ، سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ھيرائِي ھَٿِ ڪِئو، ھِينئَڙو حَبِيبَنِ، ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ، جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا، چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- شُڪُرُ گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِيئَري يارَ، ويٺي جَنِي وَٽِ ۾، ڪوڙيِين ٿِئا قَرارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- لافُون لَکَ ھَڻَنِ، سَھِڄِ پَئِي سيڻَنِ جي، ڏِسان ڪيرِ ڏِيَنِ، جوڙي جِيءُ پِرِيَنِ تان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ، پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ، اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- رُٺِي نَہ سَرَندوءِ، ھَلِي پَرچُ پِرِيَنِ سين، اوراتو ٿِيندوءِ، جَڏھِن سينگارِبا سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ ري، جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي، ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ، اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ، اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ، ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- وَسائِيندَڙِي مِينھَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينھَن، اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُدائِتا مِينھَن، مُون…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا، ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون، ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون، سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پِرِيَنِ پاتا پيرَ، آئُون ڪيرَ ڪَمِيڻِي آھِيان، مُون گهَرِ آيا مُون پِرِين، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، پِرِين آيائِي ھيرَ، اَسِين جِياسُون…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ تُون ڳالَهڙِي، حِڪايَتَ ھوتَنِ جِي، اَدا توڪا آندِي، ڏيئِي باھِہ ڀَنڀور کي، جَتَنِ ڏي آئُون…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون، چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ، پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ، آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ، ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ، بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ، زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ، اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ، پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وَسَ، اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، گامَ نِھارِينِ گَسَ، ڏِيندا پانڌِي ڏَسَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ جي، مانَ سَڃِينِھُون يارُ، اَڳِيان اَکڙِيُون کَڻِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي کَڻَنِ جَي، پِرِيَنِ پاپوھَڻَ سان، ڏُورِ ڪِئا سَڀَ ڏُکَ، ماڻُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنها…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- توبَهَ توبَهَ اِيءَ طَلَبَ، تُنھِنجي دَران مَڱان، مُون کي پِرِيَنِ ميڙِيين، سائِين ڪَنھِن سَبَبَ، جَي مُون ھَٿان ڪارِيين، ڪَمَ موچارا…[ سُر پورب - وايون ]
- عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ ڏي، اَڳِئان اَکِيُنِ سامُھان، اُڀائِي آھِين، اَوَڳُڻَ پاسي ٿِيَنِ، تَہ ڍولا ڪَنھِن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اَلا ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ، مُون سين مُون پِرِيَنِ، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِئا.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سُتي نَہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي، وِھامِي ويندِياءِ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- سُمَهڻان ساڙو، جيڏِيُون جيڏوئِي ٿِئو، پِرِيَنِ سين پاڙو، مُنھِنجو نِنڊَ نِبيرِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- چُڻي نَہ اُڀِي روءِ، سارِئو سارِئو پِرِيَنِ کي، ھِنيَين جِهڄندي چوءِ، آئُون ڦوڙائِي آھِيان.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، مَٿي مُونَنِ ھَٿَڙا، اَکِيُون ڏانھَن پِرِيَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ نَہ ڪانڌُ اُنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين، مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِيئَري زِيارَتَ، جي مُون پِرِيَنِ سين، سَڌَرَ مُنھِنجا سُپِرِين، مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، مَولا مُون کي ميڙِين، سُپريان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ، ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکڙِيُون پِرِيَنِ ري، جٖي ڪِي ٻِئو پَسَنِ، ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي، سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪَنھِن جَنھِن عادَتَ اُڀِيُون، نيڻين جهيڙِئو پاڻَ ۾، ويڻين ڪِينَ وِڙَھِن، اَکِيُنِ ۽ پِرِيَنِ، پُورِي پاتِي پاڻَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِيُون عَلَي الصَبّاحَ، دوسِتُ ديکَڻَ آيُون، اُڀِيَندي اَرداسَ ۾، ٻِي نَہ ڪَندِيُون ڪا، رَچَندِيُون ريءَ پاھِ، پَرَچَندِيُون پِرِيَنِ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا، پِرِيَنِ جي پاران، راتِ رَڱِجِي آيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ جي، سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خَيالُ خاڪِي، پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان پَري ٿِي.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيَنِ سين، جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ موٽايو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا، پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا، مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- مُون کي مُون پِرِيَنِ، ميرِي ڪَري نَہ مَٽِئو، ھِڪا ڳُڻَ ڳچِيءَ ۾، ٻِئا سيراندِيان سُونھَنِ، آئُون ڪِيئَن سَندي تَنِ، ڪُلهَنِئان…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو تارِ ۾، اُڀا اِيئَن چَوَنِ، تَہ مَڇُڻ پاندُ پُسائِيين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]
- ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جوڙي ھَنئِي جَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَہ ڪِئِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون، پَرِ ۾ پَنوَھارَنِ، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ، ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پَڪا پَنوَھارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ، عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ ھَماري حَقَ، لوئِيءَ ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپِرِيَنِ سين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هِينئَڙي نِتُ هُرَنِ، لَيْسَ ڪَمِثْلِهِ شَيْءٌ ، پَسَڻُ اِيءُ پِرِيَنِ، پَکا پَنوَهارَنِ، نيئِي اَڏِئا نانھِن ۾.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- سُھَمَ پَسان ٿِي سُومَرا، پِرِيَنِ ريءَ پيئِي، مُلِ رَساڻي مارُئين، مُون کي ڪو نيئِي، تَہ ساڻُنِ سَڀَيئِي، ڳُجُهہ ڳَرَهِيان ڳالِهڙِي.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- عُمَرَ اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنِهين ڏيھَ جا، پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ، لَھِي لوھَ وِئامِ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ڪَنھِن تَڙِ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا، مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي، آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ، أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ، وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي ساڻُ، سُومَرا آئُون ٿَر وَڃان، مُون کي مُون پِرِيَنِ جُون، مَرُ ٿِيُون ليڙُون لُڏَنِ، ٻَڌا…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]
- لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي، واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ، ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين، لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ، سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]