Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سھڻي جَي مينھون، چاھڪ، کرڪن جو بيت
جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ،
سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
سڄڻن جيڪا منھنجي اهڙي يادگيري ڪئي، جنهن مون (مئل) کي جياري ڇڏيو، (باقي گڏجي يا ملي ڇا ڪنديس!) منھنجي وجود ۾ ننھن کان چوٽيءَ تائين صرف محبوبن جي ئي ياد آهي. (ڀلا) اهي محبوب (گهڙيءَ لاءِ بہ) جدا ڪيئن ٿي سگهندا، جيڪي اڳيئي دل ۾ گهر ڪري ويٺا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1660
جِيَارِيَسِ سَڀَارَ ڪُهْ ڪَرِيْدَمِ کَڎِجِيْ﮶
وٖيْرُوْ تَارِ وُجُوْدَ م﮼ پِرْيَنِجِيْ پَچَارَ﮶
سَڃَنَ هُوْنِ نَڌَارَ هِيَرٖيْ م﮼ حَلُ ٿِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जियारियसि संभार। कोहु करींदमि गड॒जी।
वेरो तारि विजूद में। पिरियनि जी पचार।
सज॒ण हूनि न धार। हींअड़ी में हलु थिआ।
ROMAN SINDHI
Jiyaarees'a sanbhaar'a, kooh'u kareendam'ay gaddiji,
Werotaar'ay wujood'a mayn, piriyan'ay ji pachaar'a,
Sajjann'a hoon'ay na dhaar'a, hiyarri mayn Hal'u thi'aa.
TRANSLATIONS
The big tinkling bell has really entranced me. (Otherwise I felt so depressed by the conditions around me). It is, therefore, immaterial if I meet the beloved physically. In fact he has always been in my mind; and those who are internally united with their beloved, cannot be supposed externally or physically to be apart from him.
Note: The first part of the last stanza has been rewritten as under as per the Bombay edition. It is more lyrical: سي ڪيئن سڄڻ ڌار
"Love's longing keeps me a live, what use is union?
With my existence is blended my love's rememberance,
How can my love be away when with my heart he is in interwoven?
Beloved's memory is source of my life, why should I meet him?
My entire being brimming with beloved's recollection,
How can the beloved be away from me,
When he is dissolved in my being?
لقد أحيتني ذكريات الحبيب لايجديني ولاينفعني لقائهم؟
فى قلبي ذكر وهمّ حبيبي وهذا يكفيني لايفارقني أبدا المحب الذي يعيش فى فؤادي.
چیتے یار دے جیوندا کیتا کرسیاں کیہ رل کے
اندر تانگھ پریتم دے اس شالا یاد رہوے
مت نہ ہون پرے، جیہناں نے دل وچ کیتا ڈیرہ
میرا ماہی دل وچ وسدا ہور وصل کی لوڑاں
میری ہوند اوسے دی ہوئی نا کو گھاٹاں کھوڑاں
میں تے ماہی اِک مِک ہوئے ہن کی جُدا کریسو
دلِ غمگیں میں نالۂ نے سے
ایک تازہ شگفتگی آئی
خلوت آرا ہوئی کسی کی یاد
جگمگانے لگی ہے تنہائی
پھر کسی کا خیال درپے ہے
یہ فراق و وصال کیا شے ہے
یادِ یار سے ہی زندہ ہوں، کیسا وصل ملن،
تن من میں اب اُمڈ رہی ہے، تیری پریت سجن،
من جس کا مسکن، اِس یار کو دور نہ جانوں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ…
- (بيت) اللهَ سَڀَ مَچَنِ، مينھِيُون ھِنَ…
- (بيت) اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ…
- (بيت) جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ…
- (بيت) مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ…
- (بيت) مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ…
- (بيت) ميھاران مَھِي، پِيتائِين پِريمَ ڪِي،…
- (بيت) ميھاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي،…
- (بيت) مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو…
- (بيت) مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ…
- (بيت) ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ…
- (بيت) ويٺِي رُوءِ وَڇُنِ سان، پُڄِئو…
- (بيت) وَڇُنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي…
- (بيت) ٻيلي پارِ ٻُرِي، مُون کي…
- (بيت) پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ…
- (بيت) ڀيلِئان جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون…
- (بيت) چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون،…
- (بيت) چوڌارِي چَڙِيُون، ٻُرَنِ ٻَيلايَنِ جُون،…
- (بيت) چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،…
- (بيت) چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ…
- (بيت) کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئاسِ، ٻيلي پارِ…
- (بيت) کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي،…
- (بيت) کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ…
- (بيت) ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ…
- (بيت) ڪيڏاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گِهنڊَ…
- (بيت) ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو…
- (بيت) ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي…
- (بيت) ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
