ھِنيُون بابت
معنيٰ
ھيانءُ، دل، دماغ، اندر، وجود، روح، آتما، ھردو
Heart, mind, breast.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جَنِي لاءِ ڪِئا مُون، چاڙِھيڪا نيڻين، سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَہ اوھَري، سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ، وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ، دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ، جَي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀارا ساھَڙَ جا، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري، ڌَراڙَنِئون ڌارَ، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ، پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- بِلڪُلِ ڪَري نَہ بَسِ، ھِنيُون مُنھِنجو ھوتَ ري، پِرِين جَنھِن پارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ، ٿِئو ٻاروچي وَسِ، جِيئَڻُ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڪو گهُمَندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو، ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون، جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ، اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ھارِي ھِنيُون مَ لوڏِ، سُکين پُوندِينءَ سَسُئِي، ڪوھِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھَ قَطارِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا، چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا، پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا، ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، ٻُجهان ٻَھَرِ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ اَڳِيين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِئو، قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿِي پِئو، ٻُجهان ٻِيءَ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ، وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ، پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون، حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو، ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ…[ سُر ڏھر - وايون ]
- جاءِ نَہ سڄو ڏِينھُن، ھِنيُون اوٺي وَڳَ جِيئَن، مُون پِريان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نَہ ڪِئو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- چَتُرَ رَھي نَہ چِتُ، ويڻَنِ واڳِئو نَہ رَھي، رَئِيءَ لَٽِجي نِتُ، ھِنيُون واٽَ وِرگهُہ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- عاشِقُ ڀانئِين اِيئَن، تَہ سِڪَ ڪَنھِن کي نَہ سَلان، وَھَنِ اَکِيُون وِرڄي ھِنيُون، وِچِ رَھَندِي ڪِيئَن.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ڪِجِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ھِنيُون حَقِيقَتَ ھيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ، ھوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَہ پُسَڻَ کان پالهو رھين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اَللہُ سُڃاڻَڻُ سُٿِرو، جي ھِنيُون ڇَڏيئِي ھورُ، تَہ ڪِرپا ٿِييئِي ڪَکَنِ ۾، ڪونَہ ڪوٺِيئِي چورُ،[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان، ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- سَنِهِيءَ سُوئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين ساھُ، ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ، ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو ھُتي جو ھِتِ ھيرَ، تَہ ڪِنا ڪوٽَنِ جا، ٿِيَنِ سُرَھا سيرَ، آءُ تَہ اَکِيين اُگَهان، جَي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، جَي تِھَڙِي مِلان تَنِ کي، ڦِران ڦَرَ چارِيان، ھِنيُون چَئيمِ ھِيئَن، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، ڪاڻِ لَھَندِيَمِ ڪِيئَن،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ، ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ، سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون، پَرِ ۾ پَنوَھارَنِ، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ، ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ، پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]