Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر حسيني جَي ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ جو بيت
رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون،
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 91 سيڪڙو
سمجهاڻي
(عاشق جي جدائيءَ واري ڪيفيت) آءٌ (محبوب کان سواءِ) کلان ٿو تہ ڄڻ اندر پيو سڙي ۽ ٻري ۽ جيڪڏهن روئان ٿو تہ اهو ٻين کي راند ٿو لڳي. منھنجي اکين ۾ جيڪو پاڻي ڀرجي اچي ٿو، آءٌ ان کي روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪريان ٿو، پر اهو ڪنھن بہ طريقي سان گهٽ نٿو ٿئي. هاڻي منھنجون اکيون روئڻ کان تڏهن بس (آرام) ڪنديون، جڏهن وري محبوب جو ديدار ڪنديون.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 781
رُوْئَا تَا رَاندِ کِلَان تَا کَام﮼ هِيٌ﮶
اَکَرِيٌ وٖيْسَاندِ پِرْيَ کَڎِجِيْ ڪَندِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
रुआं तां रांदि। खिलां तां खामे हिंयूं।
झलिआं झीणू न थिए। जो जरु नेणें पांद।
अखड़ियूं वेसांदि। पिरींअ गडि॒जी कंदियूं।
ROMAN SINDHI
ru'aa'n taa'n raand'ay, khhilaa'n taa'n khhami hinyoo'n,
jhhali'aa'n jheenno na thiye, jo jar'u nennee'n paand'ay,
akhhrriyoo'n wesaand'ay, pireen'a gaddiji kandiyoo'n.
TRANSLATIONS
The real pleasure comes to me from tears, and the heart burning ensues from laughter. My eyes will have tranquility only by meeting the beloved.
آب شوم سجدہ کناں بگلستان بروم
Let me be water (i.e. shed tears profusely) in humble prostration so that I may reach the garden (and be tranquil.)
رونا ہسنا میرا پکھنڈی ایہو لوکائی کہندی
درش پنوں دا کرکے سیو ٹھنڈ اکھاں وچ پیندی
مری فطرت سراپا اشکباری
تبسم اک نقاب بے قراری
وہیں آخر سکوں مجھ کو ملے گا
جہاں مل جائے گا وہ پیارا ’آری‘
روؤں تو یہ کھیل ہے گویا، ہنسوں تو روئے دل،
دیکھ کے مسکائینگی اکھیاں، ہوت کی صورت جھلمل۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَکِيُنِ ڪِينَ ڪِئو، رَتُ نَہ…
- (بيت) اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران…
- (بيت) جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ…
- (بيت) جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ…
- (بيت) جُهونگارِيندي جهنگَنِ ۾، جي ٿِي…
- (بيت) رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ…
- (بيت) روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو…
- (بيت) رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي…
- (بيت) لَڳَندي لَڪَنِ سين، آئُون جي…
- (بيت) مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين…
- (بيت) ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ…
- (بيت) مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان…
- (بيت) مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي…
- (بيت) مَرُ مَٿا ڏيئِي، پُنهون ڪارَڻِ…
- (بيت) مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو…
- (بيت) مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي…
- (بيت) مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ…
- (بيت) نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽…
- (بيت) ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ…
- (بيت) وَسِي وَسِي مِينھُن، جِيئَن لَٽي…
- (بيت) وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ…
- (بيت) کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ…
- (بيت) کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ…
- (بيت) کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ…
