سُڪا جي سنڌي معنيٰ
ٺوٺ ٿئا، خشڪ ٿيا، ڦڪر ٿيا. اُساٽيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dried.
سُڪا جا بيتن ۾ حوالا
سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو،
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ،
تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي مَنجهان ھيجَ،
جِيئَن آن ڀيرو نَہ ڪِئو، تِيئَن مان مُئِي سُڻيجِ.
[ سُر راڻو، وايون، 1 ]
پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن سَنڊَن،
سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ،
ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 28 ]
سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ،
ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 28 ]
چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري،
ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي،
اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن جِيئَن.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 39 ]
ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي،
اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن جِيئَن.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 39 ]
جَنِ جي واڇُنِئان وِھُ وَھي، سُڪا جَنِي پيٽَ،
تَنِي جِيءَ سانڀيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 8 ]
تَنِي جِيءَ سانڀيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 8 ]
سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِي پيٽَ،
جَنِي جِي چَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 9 ]
جَنِي جِي چَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 9 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرڪَڻا پيرين،
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاھوڙِي گَڏِئا؟
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 29 ]
ٽِمَندي نيڻين، آن ڪي کاھوڙِي گَڏِئا؟
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 29 ]
English Meaning
Dried.