جَتَ بابت
معنيٰ
اوٺِي، اٺ وارو، بلوچن جي هڪ ذات جو نالو. جت بلوچ.
Name of a tribe, a class of Muslims who are rear camels and drive them, a camel man.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا، جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ، جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي، پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ، سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- اَئِين وَريتِيُون وَرو، آئُون نَہ وَرَندِي وَرَ ري، جاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تانگهِيندَيسِ تَرو، جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھُن نِبيرَڻُ نَہ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- وَڃو سَڀَ موٽِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، مُون کي ڪَرِيو مَ کوٽِي، ڪَڍِيَم ڪا ڇوٽِي، وِڌُمِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇي ڀَرِ لَڪَنِ، يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، ماڻُهو شَھَرَ ڀَنڀورَ جا، سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ووڙِيَمِ سَڀَ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي، ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ، سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا، ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي، جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا،…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي، چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا، اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ، ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ، ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ، ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ واڻيندَلَ وِچَ ۾، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون، اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون. ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي، پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ، چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين،…[ سُر معذوري - وايون ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ، آئُون اَوَھان جِي آھِيان، پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي، بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ، سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو، آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ، مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي، پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي،…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ، سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ، لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ، جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ، ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا، وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا، ھَي ھِنيين…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي، اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- کوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، پَکا سَندَنِ ٻَنِ، اُستُ جو اُٺِنِ جو، مُون کي رَھِيو مَنِ، جِيءَ ۾ جَتَ رَھَنِ، ٻِي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- لَڪَ مَٿي لٽِڪي، ڪَريو سَٻاجها سَڏَڙا، ويدِيَسِ ھوتَ پُنهونءَ سين، پاندُ جَهلِئو پَٽِڪي، مَران تَہ مانُ لَهان، ساھُ پِريان تان…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ، رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَتَنِ وِڌِيَسِ جارَ، نَہ تَہ ھُيَسِ نِماڻِي نِڪَڻِي، ٿِئا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏِيائُون گُوندَرين.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو، نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو، تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون، پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ ھَڏِھِين ھُتِ، مُون ھِينئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا، چَنگَلَ جَنِ جا چَوڦَرا، راحَتَ اُنِ جِي رُتِ، گُنگَنِ جِي گُفَتِ، ڇيڙي…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَي ڄاڻان جَتَنِ، تَہ پوءِ پَٽاندَرُ ھيتِرو، آئُون ڪِيئَن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرايان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ، آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا ڪِ اِيندا، پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا، دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ سان جانڪُون، ٿانڪُون مُون سَڱُ ٿِئو، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون، آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي، آيَسِ آرِيءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان، اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَن ۾، دُھرِيُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ، اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ، جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ، ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڳي اِيئَن ھُياسِ، جِيئَن پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا، ھاڻي اِيئَن ٿِياسِ، جِيئَن جَتَ نَہ نِينمِ پاڻَ سين.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مُون کي نَہ ٿا نِينِ، جَتَ مُلڪَ پانھِنجي، جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ گولِي ٿِي گُذارِئان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ، ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھاءِ، ٿِي پاڻُ ھَڻي سِرِ پاھَڻين، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جاءِ، شُڪُرُ بارَ سَداءِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي، ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ، سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو، نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا، پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ، سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ، لُطِفَ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تانۡ مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جانۡ آرِياڻِي اَڳَ، ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ، ٻِئا پُڻ جَتَنِ جَڳَ،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي، جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي، جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ ڀَليري ذاتِ، اوچِي وِٺِيَڙَنِ جِي، بِهتَرِ آھي باتِ، تيَلاھِين پِرڀاتِ، پُنهون نِيائُون پاڻ سين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي، ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي، جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَسُئِي سَرواڻَنِ سين، ڪِھَڙو لَهُہ لَڳوءِ، جَتَنِ جَڙَ ھَنيَئِي، ڪِي پاڻَهِين نِينھُن لڳوءِ، ڏاڏي پوٽو ڏيھَ ۾ ڏُکِي ڪو نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- بُرو بِگيرَدِ بي رَوان، شَنگِ رَوان شيزاَ، ٿِي جاڳائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغا، ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغان، لالَ مَنجهان…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ، ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ، ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڇُلان تَہ ڇِڄَنِ پيرَ، وِھان تَہ وَڃَنِ نِڱِئو، مُون جِيئَن ڪَندِي ڪيرَ، جَتَنِ پُٺِيءَ جُلهُون.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- جَتَنِ ڪارَڻِ جوٽَ، پِٽيندي پِرھَ ٿِي، مَٿي مُئِيءَ موٽَ، ڪانڌَ نَہ ڪِي ڪَڏِھِين.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو، ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ، مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ، اوٺِيَنِ اُٺَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- گولِي بَندِي آھِ، زَرِخَرِيدَ جَتَنِ جِي، آجِپَڻُ آرِيچَنِ جو، سَسُئِيءَ تان نَہ سُھاءِ، اِنَ طَعني کي توڙائِين، ويٺِي مُنڌَ واجهاءِ،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ، اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ، جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ مارِيَسِ سُورَ، آڌِيءَ راتِ اُڌَمِئو، ڏينِ پَلِٽا پُورَ، جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ مارِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ، ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي جَمالَ، ڪو جو سُورُ سَرِيرَ ۾، ڪِئو ڪيچِيَنِ جي ڪَمالَ، ھوتَ نَہ ڀائِي حالَ، موٽِي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو، ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- جِيئَن جِيئَن ڀِڄي راتِ، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڀورِيءَ ٻِي نَہ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪَتان نَہ پُوڻِي، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي، مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- کُوءِ ٻولِي ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي، مُون کي چَئِي لوچ، پيھِي وِئَڙا ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان، پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ جيڏِيُون، ڪَري ڪوھِيارو سُڃَ، وِئو ڇُلائي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي نَہ پاڙِينِ، سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو ھوتُ وَري، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا، ساڻُسِ سيڻَ سِتوھُ، ڊوھِي اَٿِئان ڊوھُ، مَتان ڪا مُون…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مَرِي ويندِيَسِ ماءُ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا، جَتَ پَنھِنجِيءَ جاءِ، رُوئَڻَ رَتُ جُڳاَءِ، تَنِ ھوتَنِ جي ھيڪاندِ لَيءِ.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي، پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ، ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪُٺو، مَنُ وِجهلَڻَ وَڍِئو، جَنِي ماءَ مُٺو، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ، ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ پُنهونءَ سين، جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ، مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري، آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي، مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو…[ سُر حسيني - وايون ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ تُون ڳالَهڙِي، حِڪايَتَ ھوتَنِ جِي، اَدا توڪا آندِي، ڏيئِي باھِہ ڀَنڀور کي، جَتَنِ ڏي آئُون…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، ھَلايان نَہ حُجَتَ، چَنيسَرَ جي چِتَ، ڪَٽُ نَہ لايان ڪَڏِھِين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون، سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين، اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- عَجَبُ اَجَهلُ ھوءِ، نُورِيءَ جي نِيازَ جو، سَمُو سِرُ سَڀَنِ ۾، مي مُورِڇِئو سو، اَچِئو اُڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]