پُٺِيءَ بابت
معنيٰ
پُٺ، پويان
The back.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين، جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ، پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ، مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ، وَڏِيءَ ويلَ آيُون،…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ، ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ، پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ، اوڏِي عَزازِيلَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَسِي ڏُونگَرَ ڏاھَ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِ، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باھِ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ، رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- جُھ يارُ ڏٺائُون يارَ جو، تَہ پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ، ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ، ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين، جِيئَڻَ گوشي جاءُ، مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ، مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- واءَ وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان، ڇَٽا ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پيرُ پَرنِئان تو، بَرِ بُورائُو جو، سو لَڳِي…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڇُلان تَہ ڇِڄَنِ پيرَ، وِھان تَہ وَڃَنِ نِڱِئو، مُون جِيئَن ڪَندِي ڪيرَ، جَتَنِ پُٺِيءَ جُلهُون.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھاڻِ، رائي ۾ رِھاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- جَنِي ديکِئو دِلِ سين، پُٺِيءَ سي پييُون، تَہ پُڻ ٿي وييُون، جي پُنهونءَ پاڻُ لِڪايو.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو وِجُهہ وَڻين، تُنھِنجِي پَنڌِ گَهڻين، مَنَ ڪوھِيارو ڪُوڪَ سُڻي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو ھَڏِ مَ لاھِ، مانَ تُنھِنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اَچِئو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻِي ماڻُهو ٿِي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڀَلِي ڪَرَ ٿِئومِ، ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سين، وَڃِي ڪيۡچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- مَرُ مَعذُورِ ھُئان، اَلا چَڱِي مَ ٿِيان، رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي، ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ، اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين، نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو، مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو، آڱُرِ…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون آڻِ، ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ، شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن سَڀَنِئان سَري، پَرَ گهَرِ وَڃي ڪِينَڪِي، گهَران ڪِينَ گهُري، پُٺِيءَ پيرَ پُري، حَقِيقَتَ ھادِيءَ جي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- پَکِي پيھِي نِڱِئا، مَنجهان لِتَڙِنِ لَکَ، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِي رَتا پَکَ، پُٺِيءَ لائي لَکَ، ھَلِئو ھَنجُ حَبِيبَ ڏي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]