لِکَ جي سنڌي معنيٰ
ذرو، ٿورو، گهٽ حصو، ذري، رَتي. پِچڪ، لِڇَ . پَل، کِن، پَلڪ، ويرم، لحظو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Moment, for a while, bit of time. A small amount, bit.
لِکَ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي ڪيرُ،
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُھاڳِڻِيون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 12 ]
ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اللهَ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 8 ]
آھِيان آرِيءَ ڄامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 8 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، نَفسُ اَڪلُ نَومُ،
صَباحَ رَجُلُ يَخرُجُ ، ويئِي ذاتِ جَتاڻِي قَومَ،
لااُبالِي اليَومَ، ھـٰذا ھُوَ فِيْھَا يُنکَرُ.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 1 ]
صَباحَ رَجُلُ يَخرُجُ ، ويئِي ذاتِ جَتاڻِي قَومَ،
لااُبالِي اليَومَ، ھـٰذا ھُوَ فِيْھَا يُنکَرُ.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 1 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ،
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]
قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ،
مُٺِي مَھمانَنِ سين، روئِي راتِ وِھاءِ،
جيلا نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَھين ٿِي راھَ ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 2 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي،
ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي،
ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ مِڙَين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 4 ]
ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي،
ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ مِڙَين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 4 ]
شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ،
نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ،
ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ نَہ اِيندَءِ ايلَ،
ساجُهرِ وَقتِ صُبوحَ جي، پَلٽِئو پُونِ پَيلَ،
ٿِي واويلا جِي ويلَ، ٿِي سَسُئِيءَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 6 ]

وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين،
ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي ھوتَ جِي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 8 ]
ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي ھوتَ جِي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 8 ]
English Meaning
Moment, for a while, bit of time. A small amount, bit.