Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر جو بيت
راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو آديسِي آيو،
چوڏھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، ڪِئو سامِيءَ سَھائو،
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
راڻي سوڍي جي ڪچھريءَ مان هڪ اهڙو آديسي (ڪامل انسان) آيو آهي، جنھن جي اچڻ سان هر طرف چوڏهينءَ جي چنڊ جھڙي روشني ڦهلجي ويئي آهي. هن جوڳيءَ (آدرشي انسان) جي نُور سان اونداهيءَ جو خاتمو ٿي ويو آهي (۽ هر طرف سوجهرو ۽ سُھائي ٿي ويئي آهي).
[مثنويءَ ۾ حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڪيترا ڀيرا چنڊ ۽ سج جي نوريا روشنيءَ سان تشبيهہ ڏني ويئي آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
آنچنان کز نور روي مصطفيٰ،
صد هزاران نوع ظلمت شد ضيا.
(دفتر ششم، ب-1861)
معنيٰ: بيشڪ هن جي چھري مبارڪ جي نور سان ڪاري اونداهيءَ جا لکين قسم سراسر روشنيءَ ۾ بدلجي ويا.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3705
رَانٖيْ جِيَ رِهَانِم﮼ ڪُوْ آَدٖيْسِيْ آَئِيُوْ﮶
چُوْڎَهِيَ مَاہَ چَنڊَّ جِيَ ڪِئُوْ سَامِيَ سَهَائُوْ﮶
لَٿُوْ اُنْڌَاهُوْ جُوْکِيَ سَندِيَ جُوْتِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
राणे जीअ रिहाणि में। को आदेसी आयो।
चेडि॒हींअ माह चंड। जीअं। किओ सामीअ सहाओ।
लथो ऊंदाहो। जोगा॒अ संदीअ जोति सें।
ROMAN SINDHI
Raanne jee'a rihaann me, ko Aadesi Aayo,
ChoDheen'a maah'a chanDH'a jeean'a, kiyo saamee'a sahao,
Latho oondaho, joggee'a sandee'a jot seen.
TRANSLATIONS
Some holy man, an associate of Rano, came and (brought me a message from him). He diffused light around me just as the full moon does. All darkness (i.e. ignorance and pessimism have been dispelled by the light radiated by this pious man. (This means that the Divine Light was radiated by the Divine messenger).
The Prophet is the Luminous lamp. (47, AI-Ahzab).
From Raano's mates a yogi with a message came Like the moon, light on all he spread,
Darkness disappeared when yogis light shone so bright.
An ascetic came from Raano,
The divine radiated like a full moon,
Dispelled all darkness with his radiant self.
جاء واحد من المتزهدين من مجلس رانو!
هذا المتزهد - نشر النور مثل البدر.
لقد زالت ظلمة داخلية من أجل أشعة نور من العابدي المتزهد.
میرے جوگی رانے کولوں اِک }آدیسی(٭){ آیا
چن پنیا دا چڑھیا ہی سی چانن اوس پسرایا
مٹیا نھیرا چانن ہویا جوتی جوت جگائی
(٭) آدیسی= روحانی قاصد
پیارے رانے کا نامہ بر آیا
کیا سہانا سماں نظر آیا
جیسے بھولے سے چودھویں کا چاند
کاک کے صحن میں اتر آیا
میرے رانا کی محفل سے، آیا ایک سوامی،
سوامی صورت جگمگ دمکے، جیسے پورن ماشی،
دور ہوئی مایوسی، جوگی کی مکھ جوت سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ…
- (بيت) آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،…
- (بيت) اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،…
- (بيت) بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو…
- (بيت) بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾،…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو…
- (بيت) سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي…
- (بيت) سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ…
- (بيت) مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي…
- (بيت) مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بيکارِي ۾…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ…
- (بيت) ڪو جو ڪالَهہ گَڏِيُون، بيکارِي…
- (بيت) ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ…
- (بيت) گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ…
- (بيت) گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي،…
- (بيت) گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
