Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر راڻو جَي خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر جو بيت
راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي،
کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.
رسالن ۾ موجودگي: 98 سيڪڙو
سمجهاڻي
راڻي جي مجلس مان هڪ اهڙو آديسي (آدرشي انسان) آيو آهي جنھن جي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ سان سڀ ديس ۽ پرديس واسجي ويا آهن. پڪ اهو ڪامل انسان اصل اُتان ئي آيو آهي. (هن توڻي ايندڙ بيتن جي معنيٰ تڏهن پوري بيھندي، جڏهن راڻي مان مراد الله جي ذات وٺبي ۽ آدرشي انسان مان مراد حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ذات آهي، جنھن جي روشني ۽ خوشبوءِ سڄي جھان ۾ ڦهلجي ويئي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3706
رَانٖيْ جِيَ رَهَانِمَا ڪُوْ آَئِيُوْ آَدٖيْسِيْ﮶
کَٿُوْرِيَ خُشْبُوْءِ س﮼ وَلَاتَ سَڀَ وَاسِيْ﮶
سُوْڌُوْ سَنَاسِيْ اُتَاہٍ ٿِيْ آَئِيُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
राणे जीअ रिहाणि मां। को आयो आदेसी।
खथीरीअ ख़ुशिबूए सें। विलात सभ वासी।
सूधो सनासी। उताहीं थी आयो।
ROMAN SINDHI
Raanne jee'a rihaann maan, ko Aayo Aadesi,
Khathhooree'a Khushboo'e seen, wilaat'a sabh waasi,
Soodho sanasi, utaheen thi Aayo.
TRANSLATIONS
The sacred person has come to me. He appears to be an associate of Rano. He was so much perfumed that he made the universe fragrant. This ideal ascetic seemed to have come direct from Rano. -
Note: In the above two verses Rano may mean Allah and the pious messenger the Prophet.
A yogi came from Raano's,
Perfumed with sweet smell of musk was all land,
This accomplished one was coming from that place.
An ascetic came from Raano,
The whole vicinity become fragrant,
The true accomplished ascetic has come from there.
جاء من مجلس رانو واحد من المتزهدين! طيب البلاد جميعا.
بروائح طيبات من المسك هذا الزاهد الكامل لقد مرّ من هناك من مجالس عالية.
اِک آدیسی رانے کولوں آ آدیس جگائی
پنڈے چوں خوشبواں آون کستوری مہکائی
میرے کامل مرشد پاسوں اِک سنیاسی آیا
ہر طرف بوے مشک بکھراتا
کوئی نکہت فروش ادھر آیا
بن کے قاصد دیار جاناں کا
دیکھنا کون میرے گھر آیا
میرے رانا کی محفل سے، آیا ایک سوامی،
مہک اُٹھی ہے خوشبوؤں سے، دیس بدیس کی دھرتی،
سچا وہ سنیاسی، آیا پریتم دیس سے ہے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ…
- (بيت) آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،…
- (بيت) اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،…
- (بيت) بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو…
- (بيت) بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾،…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو…
- (بيت) سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي…
- (بيت) سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ…
- (بيت) مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي…
- (بيت) مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بيکارِي ۾…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ…
- (بيت) ڪو جو ڪالَهہ گَڏِيُون، بيکارِي…
- (بيت) ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ…
- (بيت) گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ…
- (بيت) گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي،…
- (بيت) گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
