Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر راڻو جَي راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ جو بيت
سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو،
ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِئو،
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 94 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي جيڏيون! راڻي منھنجي روح سان اهڙي حالت ڪئي آهي، جو مون کي هاڻي ڪاڪ وڻي ئي ڪانہ ٿي ۽ آتڻ ۾ اچي دل وندرائڻ زهر ٿي پيو اٿم. هينئر منھنجون اکيون راڻي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ڏسن ئي ڪو نہ ٿيون (انهن کي ٻيو ڪجهہ نظر ئي نٿو اچي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3675
سُوْڊٖيْ مُھْجٖيْ سَاهَس﮼ جٖيْڎِيٌ جِيَ ڪِئُوْ﮶
ڪَرِيْ مُنْ ڪَاڪِ ٿِيْ آَتَنُ وِسَرِئُوْ﮶
پَسَان ڪِيْنَ ٻِئُوْ تُوْ رِءَ اَکَرِيُنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सोढे मुंहिंजे साह सें। जेडि॒यूं जीअं किओ।
कड़ी मूं काकि थी। आतणु विसरिओ।
पसां कीन बि॒ओ। तंहं रिअ अखड़ियुनि सें।
ROMAN SINDHI
SoDhhe muhinje saah'a seen, jeDiyoon jeean kiyo,
Karree moon kaak thi, Aatann'u wisariyo,
Passan keen'a Biyo tahen ree'a akharriyun seen.
TRANSLATIONS
O friends! Sodho has affected me so very much that Kak is no more a lovely and loveable place to me. In fact I have forgotten all about it. I would not like to see at any time anything other than you with these eyes, (O Sodha!)
And keep yourself with those who invoke their Lord morning and evening seeking His countenance and let not your eyes deviate from them seeking the decorations of the worldly life. (28, AI-Kahf).
Sodho took away my life leaving a skeleton behind,
I am dying for his love talk,
I may not see any one except you.
O mates, Sodho has blighted me so much that,
Kaak has become bitter for me and I have forgotten the weaving place,
I wish I may not see any one but you.
کی دساں نی سوڈھی میری جان عذاباں پائی
عیش آرام کاک دے مینوں جاندے وڈھ وڈھ کھائی
جدھر دیکھاں رانا دسدا، دوجا نظر نا آوے
کیا بتائوں جو گل کھلائے ہیں
ظلم رانے نے مجھ پہ ڈھائے ہیں
یہ شبستاں یہ بام و در یہ صحن
کبھی میرے تھے اب پرائے ہیں
کاک کے کیف زا مناظر پر
اب مری بے کسی کے سائے ہیں
رنج ہجر و فراق کے بادل
اب گھٹا بن کے دل پہ چھائے ہیں
کون جانے غم محبت میں
میں نے کیا کیا فریب کھائے ہیں
سکھیو! مجھ پہ اس ساجن نے، کیا کیا ہیں ڈھائے،
اب تو چرخا کات نہ پاؤں، کاک نہ موہے بھائے،
کوئی نہ اب جچ پائے سوڈھے بِن نینن میں ۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ…
- (بيت) تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا…
- (بيت) جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي…
- (بيت) جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي…
- (بيت) راڻا تُنھِنجِي ريھَ، مُون کي…
- (بيت) راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن…
- (بيت) راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين…
- (بيت) راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾،…
- (بيت) راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾،…
- (بيت) راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي…
- (بيت) راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي…
- (بيت) راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ…
- (بيت) راڻي جي رُسَڻُ جو، دِلِ…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ…
- (بيت) راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي…
- (بيت) راڻي رِڻُ ڪِئو، جيڏِيُون مُنھِنجي…
- (بيت) سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ…
- (بيت) لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ…
- (بيت) نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان…
- (بيت) ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي…
- (بيت) کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا…
- (بيت) ڪا جَا راڻِي مَنَ ۾،…
- (بيت) ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي…
- (بيت) ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
