ٿِئو بابت
معنيٰ
ٿيو
Being, has to
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون، وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون، ويڄَنِ جي وِصالَ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ، پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو، سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا، ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ، تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو، تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻِئا مِڙَئِي سَڌَڙِئا، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنَتِي لالُ ٿِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِين تُون، تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿِئو، مُون کي پُڇِئائُون، ٺوڪي اِنَهِيءَ ٺوڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا، دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو، اُٿِئو ويڄا مَ وِھو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو. ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو، وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- پَلاڻِئو پِئو، اولاڻِئو نَہ اُٿِيي، جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيا، سو رِڙَھَڻَ کان رَھِيو، ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، اڱَڻُ اَوکو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ، تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتارو ٿِئو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ، اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڄُ جَهمَڪِي ماءَ، ھِينئَڙو مان ڪورُ ٿِئو، جُهوپي ۾ نَہ سَماءِ، صَحيُ مَڙَندو سَڄَڻين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- تَري تُنَ پَياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَھي، کُوھو جُهر جُهونُو ٿِئو، لاڄُو سَڀَ لَڙَياسِ، جيلاھِين سَڌَرَ سُکاڻِياسِ، وَھي تي وَھَ سامُھِين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪا جَا پيئِي مَڪڙِيين، مَنجهان پاڻِيءَ پِڪَ، وَکَرُ ھَڻِي وَڻِڪَ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِئو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو، مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ، آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو، سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا، ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جُهونُو ٿِئو جَھازُ، سَٽَ نَہ سَھي سِڙَه جِي، پَڳهَہ پُراڻا ٿَئا، سَڙِيو سَڀوئِي سازُ، مُعلَمُ ٿِئو مُحتاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- وَڻِجاري ڪانڌا، ڪورِي ڪانڌُ نَہ ڪَرئين، اُٿِئو آڏاڻِئا، تو ڳَرِ ڏيِندو ٻانهَڙِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو، گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان، صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي، ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ، جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان، لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَلِيان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ، گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ، جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون، مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون، سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن، قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن، سَرَتِيُون…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي، ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ، توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ، جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون، سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين، وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين، الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين، مَن عَرَفَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ گُهرَندي گَنجَ، پَسِي پَرِ پِريان جِي، ٿِئا رَقيبان رَنجَ، شالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عاشِقَ اوھِيرا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙھي سيجَ، تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ، ٻِجُ کَڻِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ، اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِوَندِي وِڄُڙِي، مَنُ کُلِي باغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ، تَنِي ڪارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽائي ڀائُرَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو، چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، تَڏِھِين مَولا مِينھَن وَسايا.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾، ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- قَضِيو ڪَربَلا جو، مِڙيوئِي مَلارُ، ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ، مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرِين، کَڙڳَ کِلوِلِ ڪَنِ، وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھَڻَنِ، ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران، چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران، اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- جِهمندِيُون اَچَنِ، جهولِيُون جُهونجهارَنِ جُون، پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ، پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ، اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو، جيڪِي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- پَسِي جهاجِهہ جَمالَ جِي، جَنِي پِيتِي پِڪَ، اَپَرِ اَڳانجهو ٿِئو، سُورُ اُنِھيِين کي سِڪَ، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَنِ ھِڪَ، سَدا سائِرَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي، سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَڀَيئِي سارِي سَسُئِي، گهَرَ ڪُنڊوُن تُون گهورِ، وَڃِي ڏورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِهہ دوسِتُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين، عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ، آرِياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِئو، اَندَرِ آرِياڻِي، ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، ھُيَسِ جَنِ ھاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَھَ ۾.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ، تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِئو، اَسان اولاڻو، پَنڌُ نَہ پِڃاڻو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون، پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون، سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي، بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ، سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- وَڌو ڪِينَ وَڻا، اُوچا ڏُونگَرَ نَہ ٿِئو، ٽِمو مَ نيڻان، تَہ پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي، مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ، اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڪاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن ڪونَہ ٿِئو، سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا، مَنجِهہ شَھادَتَ سا،…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ، اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ، جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو، نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، جِتِ سيڙِھِيُون شِينھَن سُڄَنِ، اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ، سِڪَ رَساڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي ڇا، راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن، ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏارُون، ھِينئَڙو ھيرَڻَ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارُون، ڪَنھِن کي ڏيکارِيُون، ڪونِهي سوداگَرُ سُورَ جو.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو، تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو، جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَتَنِ سان جانڪُون، ٿانڪُون مُون سَڱُ ٿِئو، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون، آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَري زورُ، بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ، ھاڻي ٿِئو حَشَرُ، پُنا قولَ قِيامَ جا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو، ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو، نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- آئُون تانۡ اِھَڙِيائِي، جَا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چَوان، مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي، روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي، نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان، ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان، ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ، جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ، پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ٻيلِي ٿِئو مِرُوئا، تَہ ڏُونگَرَ ڏورِيان پِرِينءَ لاءِ، ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين ماھُ آن جو ڳاھُ، اَکِيُون ڇَڏيجا، جَنِ سان پَسان…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو، موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو، آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ، وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو، ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو، ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- پُنهونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ، ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، مِتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيمَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ، لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ٿَڙي تان ٿَڙا پَڙي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَوان، مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران، زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بِلڪُلِ ڪَري نَہ بَسِ، ھِنيُون مُنھِنجو ھوتَ ري، پِرِين جَنھِن پارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ، ٿِئو ٻاروچي وَسِ، جِيئَڻُ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پيرُ، ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ، لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ، ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ، آھي اِي اُھُڃُ، ھاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ، آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مُڙِئو سِڄُ مَٿان، پوڃاڙِي پَيدا ٿِي، سِڄُ مَٽائي ساءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو، تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- گهورِئو ھِيءُ ڀَنڀورُ، مُون سَگُ ٻاروچَن سين، آھي آرِيچَنِ جو، ديوانِيءَ کي دورُ، سَندو ھوتَنِ ھورُ، مَرڪُ ٿِئو مَعذُورِ کي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري، وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ، ھُيَمِ ھوتَنِ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو پَنڌُ ٿِئو، پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ھَئَي ٿو وَڃي ھوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَرِي ٿِيان، مَتان چوءِ بَلوچُ، ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِئو.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڀَلِي ڪَرَ ٿِئومِ، ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سين، وَڃِي ڪيۡچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- تو جو ڏِٺو پيرُ، سُڃاتُئِي نَہ سيڻَنِ جو، ٻِئو پُڇَندِينءَ ڪيرُ، سوئِي تو سُونهُون ٿِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪوھُ ٿِئو، ڪيڏانھَن ٿِي وَڃان، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، موڙِئو سَڀَ ڀَڃان، ٻِيَنِ گهَرِ ڳَڃان، مُون ھارِيءَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ، بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ، آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻَرِي تَہ ٻيلِي گَهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ، رَفاقَتَ رِڃُنِ ۾، ڏُونگَرِ ڪَري ڏُکُ، آرِيءَ جو اُھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو، ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو، مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ ڳِچِيءَ سِرِ ڳَھُ ٿِئو، ٻِيُون ڪوھُ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين، تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو، تَتِيءَ تايائِين، رائي رُنائِين، اَپارِي کي اوٺِيين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پاسِنگُ جَنھِن پيشِ ڪِئو، تَنھِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ، مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ، بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ، اَڄُ مُنھِنجو اَگِهئو، وِڄا جو واپارُ، ڪاٽِبو ڪَپارُ، مَٿو مُندائِتو ٿِئو.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ، مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ، ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو سو قَبُولُ ٿِئو، سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ، اِيءُ خاڪِ مِٽِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما کَنيا کَنگهارَ، نَڪو راڳُ نَہ رُوپُ ڪو، نَہ ڪا تَندُ تَنوارَ، مَٿو مَڱڻَھارَ، ڏِنو سِرُ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ھيرائِي ھَٿِ ڪِئو، ھِينئَڙو حَبِيبَنِ، ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ، جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جيھا تان نَہ تيھا، نيڻَ پِريان جا نائُڪُون، ڪوڙيِين ڪُٺا ڪيتِرا، اِلماسَ جيھا، پَسِي پَرِ اِھا، عَجَبُ ٿِئو اَجَلَ کي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو، مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي، مَتِ ڏِنِي مِه مَنَ، ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ، اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ، ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي، ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن، ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي، لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي، مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ، راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو، پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ، آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- راڻي سَندو رُوحَ ۾، پَسُ جو پَڳَھُ پِئومِ، ٻيڙِيءَ جِيئَن ٻَڌِي وِئو، سوڍو ساھُ سَندومِ، وِھَڻُ وِھُ ٿِئومِ، جاڳِئو تي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ، صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو، تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَھسَ سيکاري، مُومَلَ جي واري، نِڄاڻان ڪوھُ ٿِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري ڳوٺَ جُون، ماڙِيُون مَحَلَ مَڱَرُ ٿِئا، پِرَ پُڄاڻا پوءِ، سوڍا سُورُ سَندوءِ، چَوَڻَ کان چَئوڻُو…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ، مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ، ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، ڳاڙِھائِيءَ جو ڳَچُ، سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچين ڪاپَڙِي.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھَلو ڏورِيُون ڏُٿَ کي، پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ، ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪِ ڪي کاھوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِئو، اَڳي ٿِي سُئِي، اُنِهين سَندِي ڳالِهڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾، وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون، جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ، اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ، ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ، فِراقِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ، ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ، ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ، سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ، مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي لِڱَ ڀَڀُوتَ، تو ساريڪا ڪاپَڙِي پيٺا ۾ لاھُوتَ، جٖي پِرت پِريان سين پُوتَ، تَنِ ويسَ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ، حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ، ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ، پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي، راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي، جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ، اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، نانگو ڏِٺو نِتُ، چُونچو ھُئَڙو چِتُ، کُلِي اَڄُ باغُ ٿِئو.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ھَئَي جٖي ھُئا ھِتِ، تَہ مَٿِنِ ھُوندَ حَقُ ٿِئو، جوڳِيَنِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ھَئَي جٖي ھُئا ھاڻِ، تَہ مَٿِنِ ھُوندَ حَقُ ٿِئو، پيھِي وِئا پاڻَ، مَڙِهيُون مُون مارِيندِيُون.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ سانڍِئو، اُنِهينءَ کان اللهُ، اَڃا اَڳاھُون ٿِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ، عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ، مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو، وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا جَا لاتِ لَتِي، آتَڻَ مَنجِهہ اَندوھُ ٿِئو، سَگهي ڪانَہ ڪَتِي، ويڙِھي مَنجِهہ وَتِي، ڪِي جو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ، تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ، اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ، توکي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي تو کي، وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي، ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾، اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ، پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ، ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ، سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ، ھو مَھائِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ، گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ٻانڊو ٻيلِي نَہ ٿِئو، وَرِي اَڄُ وِئو، پيٽِرُ پَنڌِ پِئو، سُونھاري سَيِّدَ ڏي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيءَ جو، ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو، خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو، ڍَرَندو ڇَٽُ…[ سُر بلاول - وايون ]
- نَئُون نِينھُن لَڳومِ، راتِ رَمَندي ڍولَ سين، سو سِينگارُ ٿِئومِ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِيُمِ چِتُ، ھارُ کَٽَندِيَسِ ھوڏَ ۾، نيبَھُ ٿِيندُمِ نِتُ، ڪَؤُنرؤ جو ڪِرِتُ، مُونھان مَٿاھُون…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو، مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ، ھارِي ڪِنِيءَ ھوڏَ کان، ڪُڄاڙو سَرِئوءِ، اَڳھَيِن اَنگُ وِنگوءِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ، ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُڪو ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنِي ڪَرَ، جَنِ جي پاڳُنِ ۾ پَرَ، سي پِئا وِيرَ وِماسَ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنو ڪائو، پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو، ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- مَرَڪِئو مَدِينو، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، ڪُفرُ ٿِئو ھِيڻُو، وَڌِيو دِينُ رَسُولَ جو.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- سُمَهڻان ساڙو، جيڏِيُون جيڏوئِي ٿِئو، پِرِيَنِ سين پاڙو، مُنھِنجو نِنڊَ نِبيرِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- سُمَهَڻان ساڙو، جيڏِيُون جيڏوئِي ٿِئو، ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، تُون اَڻاسِي اوجَهرين.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڀُڄِئان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پاٻوڙي پيرُ، جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ، ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابَ ۾، ڪَڇِ وِھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- وَڳَ نَہ وارِئائُون، چارِيءَ جو چَيو ڪَري، تَڏِھِين سارِئائُون، جَڏَھِين ھَيِنِ جو ھُلُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]
- اُٿِئو اَٻوجها، سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئو، جِيئَن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نَہ سِکِئا، تِيئَن پاڻان رِيڌو راءُ، مَڱو مُون مُلا، آئُون…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري، سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اَگهِئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا، مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳَ، رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ مَرُ رَنڍا ئِي روڙي، سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري، ٿُلِهي ۽ ٿوري،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ، سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ، اَندَرِ وَھي اُبَتِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو، ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ، سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خَيالُ، جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئو.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، تَنھِن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِئو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون، مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو، ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ، اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- گولو توءِ غُلامُ، جَي فارِسِي سِکِئو، ٻَڌو جَو ٻِن ڳالِهيين، سو ڪِيئَن چائي ڄامُ، اُڃِئو تَہ آبُ گهُري، بُکِئو تان…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي، اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،…[ سُر آسا - وايون ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ، اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ، ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان، ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنھُن ٿِئومِ، وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، عُمَرَ ٿِيَسِ اَسِيرَ، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، مُون سين ھِتِ ھِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- حَقاڻو ھُتِ ٿِئو، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي، مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ڏي، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي، ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- حَقاڻُو ھُتِ ٿِئو، ھِيءَ ھِتِ بَندِياڻِي، ساري ساڏويُنِ کي، ڪوٺِيَنِ ڪُوماڻِي، لِڱين لوھَ لَطِيفُ چئَي، ويٺِيَسِ وِساڻِي، مُنڌَ مارُوءَ جي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِينيين، لُطِفُ ٿِئو لَطِيفُ چئَي، مِھرَ ڪِي مِيين، ڏُکِيءَ کي ڏيِين، سَراهِيُون ساڻيھَ جُون.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- هِنيُون هيڪُ هو، سو پُرزا ٿِي پِئو، ڪِي کيريين ڪِي ٻيرِيين، ڪِي وَلَهارَنِ وئِو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، تُون ٿو ساهِ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ لَڳِئَمِ گَسَ جِي، آيسِ عُمَرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون، جادُنِ پييُون جُون، ڪِيئَن مَرَڪان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- کِيمو کاڌِيمِ کيتَ سين، مانِيءَ ماڳِ مِسِي، بازَرِ تُنھِنجِي بَنگُلا، ڏَهڪِئُمِ ڏِيلُ ڏِسِي، ڦاٽِي هِنيُون ڦارِيُون ٿِئو، تَنھِن ڦوڙائي کان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- چِيلا ۽ چارا، مارُنِ جا مَلِيرَ ۾، اُٿِئو ڀَرينِ اَسُورَ جو، وَرَتُنِ سين وارا، ڇَڏي کُوھَ کارا، مارُو مِٺي موٽِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اُوَيرَ ڪونَہ آيو، ماڻُهو مَلِيران جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، اُٿِئو اُڪِيران، جُسو زَنجِيران، ڦارَڪُ ٿِئو فَقِيرِ جو.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پَکَي پيھِي آئِيين، ڪِھَڙِيءَ حاجَ حَمِيرَ، تُون ڏِٺي مُون ڀؤُ ٿِئو، سَونچو مَنجِهہ سَرِيرَ، مِيان مَنجِهہ مَلِيرَ، اَڳَ نَہ ڏِٺين…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پَکَي پيھِي آيو، ٻَھَران ڪو ٻِئو، سو سَڀَ ٿِئو، حُڪمَ ساڻُ حَڪِيمَ جي.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- عُمَرَ ٿِئو اَريجُ، مَنُ مُنھِنجو سُومَرا، ساري سانبِيَڙَنِ کي، رَڳُنِ ڇڏِئو ريجُ، ڪِھَڙو کَٽِيُئِي کيجُ، مُون کي بَندِياڻِي ڪَري.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جو، مُون وَٽِ ڪو آيو، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئو سَڀَ ڏيھُ سَوائو، ٻاجَهرِ پَڪِي ٻاجَهہ ٿِي،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ، پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ، ڪي ڏِينھن هِتي جيڏِيين، ڪِئا گهيٽَنِ سان گُذرانَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ، اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- نُورِيءَ جَي نَوازِئو، ٿِئو تَماچِي تي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيَڙِيَيئن مي، ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، سَچُ سَڀَيئِي ڳالِهڙِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- آيو ڄامُ ڄُلِي، مَنَھِن مَلاحَنِ جي، عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ جِي، اَچِي ڇولَ ڇُلِي، ڪِينجُهرُ سَڀَ ڪُلِي، اُنِ کي انعامِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي، مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي، ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پَينامُ، اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙيوئِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ھُيُون ڪوڙيِين ڪِينجُهرَ ڀَرِ، نُورِيءَ سين نِياءُ ٿِئو، گَندَرِي پَنھِنجِيءَ غَرِيبِيءَ سين، ٿِي سَڀَنؤُن سَرِ، سا مَرَڪي مِيرِبَحَرِ، جَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ، لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ، ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي، کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو، وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]