بي بابت
معنيٰ
کان سواءِ، بغير، خالي
Without
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ، ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ، بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان، دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي، ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي، ويڄَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڪِئو، طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري، سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري، مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ، سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ، ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ مَ سُمهو، رِڪابين پيرانِ، واڳُنِ مَٿي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي، ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو، اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ، جوکو ٿِئي مَ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ، ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ، سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي، ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون، لَهرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري، مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جان ڪي جَهِليان…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ، ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ، دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ، جَي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، مَٿان وَسِئو مِينھُن، ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن، شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بي راھَ، تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ، ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ، پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون، اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري، وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- آءُ بادَلِيا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ تَمارَ ديسُ، سُکِي تان گهَرِ اَپِڻي، دُکِي تان پَرَديسُ،[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مِلجان مِلجان مِلجان، سَڄَڻَ سانُون چورِي چورِي، بادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي، صاحِبُ دانا بي نِشانا،…[ سُر سارنگ - وايون ]
- دوسِتَ ڪُھائي دادُلا، مُحِبَ مارائي، خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي، اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي، اِنَهِيءَ ۾…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن، بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن، سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- اَئِين وَريتِيُون وَرو، آئُون نَہ وَرَندِي وَرَ ري، جاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تانگهِيندَيسِ تَرو، جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھُن نِبيرَڻُ نَہ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، اللهَ لَڳِ آرِي، ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ، لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ، تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ رَتُ ڦُڙا، لَنڊِينِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ ڪَري، آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان، پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان، چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا راتِ، بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ، آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي، بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ، ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَري زورُ، بيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئا.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- بُرو بِگيرَدِ بي رَوان، شَنگِ رَوان شيزاَ، ٿِي جاڳائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغا، ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغان، لالَ مَنجهان…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو بِگِيرَدِ بي، ٿا ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، مُون لوڏان ئِي لَکِيا، تَہ ھاڃو ڪَندا ھي، مارِيندا مُون کي، پُنهون…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- دُرَھا دُرَھا ڪَنِ، فازا فَتَحَ سيڻَ وِئا، بي غَرضا بَلوچا، رَسُ نَہ رَھايو تَنِ، سَسُئِي لاءِ سيڻنِ، ڇيرُون ٿِيندِي ڇَپَرين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ، لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ، ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي، پازِي جِي پُنهونءَ جا، ڪارُون ڪَري کي تَنِ، ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ٻَڌو ڪَنھِن ٻَنڌاڻِ، ھِينئَڙو ھوتاڻِيَنِ سين، ڪا جَا پييَسِ ڪاڻِ، نِبيرِيانسِ نَہ نَبِري.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ، چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- مُنڌَ مائِٽياڻِي اُنِ جي، ھِتي تان نَہ ھُئِي، اُنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندُنِ ٿي سُئِي، بيگاڻا بَلوچَ ھُئا، ڇَڏِيائُون کيرنِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو، تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا، ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين ۾ ٺارَ، ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ، سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ، سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي، موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي، سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ، چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ، پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي، سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي، ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بيکارِي ۾ بَرَ، کَرِي تَنھِن خَبَرَ، ڪامِلَ ڏِني ڪاڪِ جِي.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪو جو ڪالَهہ گَڏِيُون، بيکارِي بَرَ پَٽَ ۾، تَنھِن سامِيَڙي سَيِّدُ چئَي، اَپَرِ عَشقُ ڏِنونِ، اُھو ڪِي مُنھِن آيونِ، وِئا…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾، چُرِئو ڪيفُ چَڙِھِي، ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي، ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي، ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي، بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي، فِڪرَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ عَقُلُ، آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَ آڻي بازِ، سَندي صَبُرُ سازَ، توبَهَ ڪارِيَسِ تَڪِڙِي.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي، وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي، لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ، ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ، جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ، خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ، ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ، نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ، ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ، نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ، سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ڀِنِيءَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ھَلو تَہ سيڪِيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ، مُلا سَناسِيَنِ، نِينھَن جَڙَ لَڳِي جانِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ ڪولِ، نانگا پنھنجي ناٿ سين، وڃن ڳولا ڳولِ، ڪَنھِن جَنھِن ٻولِ، چوٽا ڇوڙِين ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ، رامُ ڪِئائُون ڏيَٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلِهي ڪِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن، نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ، چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري، مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري، مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- وِچينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونھِنِ دُوسَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، بيراڳِي بي ھُوسَ، اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِيئَن پَٽَ کَڻَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي ڏي وِلَهنِ ويلا، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا، سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾ آھي، اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي، عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ، جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ، مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ، ساري شفِيعَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ حِرصي، ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جَي وَتَنِ وِلِهي ويسِ، لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سُمَهڻان ساڙو، جيڏِيُون جيڏوئِي ٿِئو، پِرِيَنِ سين پاڙو، مُنھِنجو نِنڊَ نِبيرِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ھيٺِ، سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ، ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا، توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ، اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين، ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُنبيرو تاڻي، چارَڻُ چوٽاڻِيءَ مَڻي، اَتارا آڻي، جَنھِن نَماڻِئا مَڱَڻي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُنبيرَنِ تَنوارَ، اَڄُ نَہ سُڄي ڳَنڃَڙي، مَڙِهيُون مَڱڻَھارَ، پُوري پَراھان وِئا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راس ٿِئي، بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ، ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئِين سين نِڃاڻِجي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جِيئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ وارِيءَ گاڏُئان، ھِينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِياسِ نَہ نِبِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي شِرڪُ ڀانيَين پاڻَ کي، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، ھُو پُڻ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ، اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ اَنڌِيُون، وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ شَيطانِي، بازِي بيرانِي، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڳَورِيءَ نِينھُن نَہ ڪَچُوئي، سِبي سيبا ڏي، کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سي سِيوي، مَڇُڻِ چَونِمِ ڪي، تَہ لَڄايُئِي ٿَرَ ڄايُون.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ، لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ، ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ، سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ، سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان، ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون…[ سُر مارئي - وايون ]