ٿِئا بابت
معنيٰ
ٿي ويا، ٿي پيا (ٿيڻ جو ماضي)
Became, been
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ، ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ، بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا، مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا، عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا، جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري، ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نَہ ڪِئائُون، جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جٖي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ، تَرسِي طَبِيبَنِ، چيٺي ھُوندَ چَڱا ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو نَہ جاتِ، جَو ويڄَنِ جي واتِ، دارُوئا تَنھِن دُورِ ٿِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ، مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ، اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ، سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي، اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي، موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري، آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري، دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي رَھِئا، صُوفِي تي ٿِئا، جِيئَن ڪِينَ کَنيائُون پاڻَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي، آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُهُون، ڪو ھَنڌُ خالِي ناھِ، جي اَحَدا اَرَڳ ٿِئا، سي ڪانِئرَ ڪبا ڪانھَن، مُحِبُ مَجهِين مَنَ ماھَ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا، تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي، حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾، لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون، سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ، اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن، ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪَيو ڇَڏِينِ ڪانُ، ھَڏِ نَہ ھَڻائِينِ ٿا، ٿِئا جَي نِشانُ، تَہ پِھرِيين سين پُورا ھُئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ گهَرِ کيِن، ھَٿِ نَہ اَچي ڪِينَ، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ڪامُون سَھُ مَ ڪَرَھا، بانٺا سَھُ مَ بُٺَ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ھوري ھَلُ مَ اُٺَ، پِرِين پَرچايُون، رُٺَ، ڏِٺي…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ، آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ، ڪانِهي قِيمَتَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ، بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ، جي جَنِي جا…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ماڻڪَنِ ڀَرِيا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪارا ٿِئا، تان نَہ اُپَٽِئا ھَٽَ، جان غِراقُ نَہ گَڏِجي.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَختِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان، تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون، مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين، جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ، گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ٻيڙِيءَ جٖي ڀُڻَنِ، نِينھُن نَہ ڪِجي تَنِ سين، اُڀا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُھ ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ھِينئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پي ڏِينھَن ٿِئا، پُڇِئو تان نَہ پِريان، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون مُون سُکَ ٿِئا، اَمُلَ پِرِينءَ مَٿان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيان.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا، نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان، تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ، آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ، ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- کُوھا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيُون وانئُيِٽوُن، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪالَهُون پوءِ ٿا ڪَنِ، تُون نَہ پَڄَنديِنءَ تَنِ، جُھ سِڙُه ڏيئِي…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي، مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ، ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾، جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي، ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ، سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا، لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا، ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري آرُ سَندونِ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلونِ، دَرياھَ ريءَ ساھَڙَ کي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري سَندُنِ آرُ، دَرياھَ ري سَھاڙُ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي، ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي، چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ، ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ، اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي، پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ، سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوارَ، وَڻَ ٽِڻَ وائِي ھيڪَڙِي، سَڀَيئِي شَيءِ ٿِئا، سُورِيءَ سَزاوارَ، ھَمَه مَنصُورَ ھَزارَ، ڪِھَڙا چاڙِھي چاڙِھيان.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ، تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھِين اَکنِئا ٻَھارِ، پِرِين تُنھِنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- نَہ ناناڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏاڏاڻِئا، وَڏائِي وَڙَ ٿِئا، مُون سين پِرِيَنِ جي پاران.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ گُهرَندي گَنجَ، پَسِي پَرِ پِريان جِي، ٿِئا رَقيبان رَنجَ، شالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عاشِقَ اوھِيرا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان، کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ، سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ، ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي اوھِيرَنِ اوتَ، ميھا چِڀِڙَ ڦُنگهِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀَيئِي ٿوڪَ، ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنُنِ ۾، جِتِ مينھِيُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ، اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ، سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ، جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهرِيين وَرَنَ، اُٺي ٿِي اُتَھِين، ڇاڇِ سَڀَڪا ڇَنَ، جي مُحِبَ اَندَرِ مَنَ، سي پِرِين پيھِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ، آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ، ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا، پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو، سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا، جانڪِيتان ٿو جِيءُ، مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پِيالو پِيءُ، ڳاھُ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾، جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ، وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا، ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي، جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا،…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ، ڪو نَہ سُڄي سُونھون، دُکائي دُونھُون، وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا، راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون، لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پيرَ پَٽايِئن ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي، ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئا سي، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پُري پُنهونءَ ڏي،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا، ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئا ھوتَ قَرارُ، رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي، رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ، ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ، ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ، ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ، سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ، وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ، اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي، بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ، ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا، ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان، صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي، ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا، سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جَتَنِ وِڌِيَسِ جارَ، نَہ تَہ ھُيَسِ نِماڻِي نِڪَڻِي، ٿِئا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏِيائُون گُوندَرين.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ ھَڏِھِين ھُتِ، مُون ھِينئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا، چَنگَلَ جَنِ جا چَوڦَرا، راحَتَ اُنِ جِي رُتِ، گُنگَنِ جِي گُفَتِ، ڇيڙي…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ، اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي، توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ، اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، لَڪِ نَہ لاٿَئُون، پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، نوعَ سين نِيائُون، جِيئَن مُون سين ڪِئائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- اِجلِس ڪَري اُٿِئا، تَنوارِئو توڏَنِ، نَومَ نَوازي تَنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ، رِڙِھِي رَسُ روڏَنِ، اليَومَ سِيرُو سَسُئِي.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ نَہ ڀائِي ھوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ سين، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ، مَٿي تائِين مَوتَ، سِڪَ ٻاروچي نَہ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، رِڻُ ڇَڏي رائو، ڏيئِي ڦوڙائو، وِئا ويچارِيءَ سُپِرِين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان، سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان، سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ، ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين، سي وَڃِي ٿِئا ڪيچِ قَرارِ، رُئان زارورزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا، اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ، اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ، اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو ھوتُ وَري، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا، ساڻُسِ سيڻَ سِتوھُ، ڊوھِي اَٿِئان ڊوھُ، مَتان ڪا مُون…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پَسِي پَھَرَ پُنهونءَ جِي، نُنھِن سين نيڻَ ٺرِيامِ، گُوندَرَ وِسَرِئامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- چانڪِ چَڙھَندِيَسِ چوٽِيين، پاڻان لُوٺِيَسِ لَڪَ، سُپيرِيان جا سُکَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنِ ٿِئا.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھَلو ۽ مَلهو، ڏُکُ مَ پَسو ڏوٿِئا، سُونھون جو ساٿَنِ جو، سو مُون ھوتُ سَلو، آن پُڻ ٿِيي ڀَلو، آئُون…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِئا ڇُلَنگِيين، مَٿي تَنھِن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نَہ ٿِيين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اَچِئو اَچِئو چُوَنِ، وِھُ وِئا تَہ گهورِئا، سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ، اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ،…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي، راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي، ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي، راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي، رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- اَکِيُنِ جا آگَمَ، مُون تان لاھِ مَ سُپِرِين، ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ، تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- شُڪُرُ گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِيئَري يارَ، ويٺي جَنِي وَٽِ ۾، ڪوڙيِين ٿِئا قَرارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- طالِعُ اَڄُ وَرِئو، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو، چِڪِئا چاڪَ چَڱا ٿِئا، جَنِ ٿي ڪالَهہ ڪُرِئو، آڻي اَڻَ تُرِئو، دوسِتَنِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مُنھنجِنِ مَدائِنِ جِي، ڪَلَ پِريان پيئِي، ڪَڏِھِين ڪوسا نَہ ٿِئا، ڏوراپو ڏيئِي، ساڄَنَ سَڀَيئِي، ڍَڪِيُمِ ڍولَ ڍِلائِيُون.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي، کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي، ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ، اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پيتائُون ڪالَهہ، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ، پَرِيءَ کان…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اُوءِ، کُنڀُ نَہ کاريۡ تَنھِن کي، جو ھالارِي ھوءِ، توڙي ڌوٻِي ڌوءِ، توءِ لالِي…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ، جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ، راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سُتا سي سُونھَنِ، جٖي ھُئا ڪوڏِيا ڪاڪِ جا، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لَڏِئو لوڌِيَڙَنِ، سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جٖي آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون، ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون، وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون، ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- اَدِيُون آتَڻَ وارِيُونِ، نِرجا نَڪَ ٿِئا، وِڍِئا تان نَہ وِئا، پاڻان مورِئا مُنھَن ۾.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- موري مُنھِن وَڏا ٿِئا، وَڍِئا تان نَہ وَڃَنِ، اَدِيُون اَناسَنِ، اِنِ ڪوجَهنِ کي ڪوھُ ڪَرِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري، آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ، توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ، ٽِڪاڻا…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ ڪَري رِيھُون، باغَ سَڙِي بُٺُ ٿِئا، وَڻَنِ جُون وِيھُون، ڪاڪِ مَٿي ڪِيھُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها، پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا، جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري ڳوٺَ جُون، ماڙِيُون مَحَلَ مَڱَرُ ٿِئا، پِرَ پُڄاڻا پوءِ، سوڍا سُورُ سَندوءِ، چَوَڻَ کان چَئوڻُو…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو، تَنھِن ناتَر گَهڻا نِهوڙِئا، جا دَرَ مَٿي دائِي، اَڃا مُومَلَ مَنجِهہ ٿِي، ھِيءَ جا ٻاڻَ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ، اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا، کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ، ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ، جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ، واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ، گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، واري سي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جَنِي پيئِي باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، ڇَڏي سي لِباسَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِي سُڌِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي ٻِي سَڀَ ٻُڌِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- کَنجي ڏُوگَرَ گامَ ۾، جي پيھِي وِئا ڏِينھَن، سيئي وَسائي مِينھَن، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڪُپيرِئان پَري ٿِئا، اَٻُڌي ٻُڌائُون، اُنِهين کي آئُون، ھيرَ ڏِسِي آيو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ، آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ، ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ، مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ، نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ، حاصِلُ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي دُورِ، ٿِئا ڏيٺارِئان ڏُورِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ، خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ، ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ، نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ، ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ، نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ، سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين، ھُئا جٖي ھاڻي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا، اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا، وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ، وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- اٺاوِيھِينءَ اُنِ کي، سَندِي پَنڌَ پَچارَ، سامِيَنِ سازَ سَنوان ڪِئا، تَندُ وَڄائِينِ تارَ، ڪَنِ مَدائِي ڪانَہ ڪا، موچارا مَڻِيارَ، پاڻُ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- پُورِيءَ ٽِيھَن پِرِينءَ سين، ٿِئا مِڙيئِي مَوجُودُ، نِسوروئي نانھِن جو، سامِي ڪَنِ سُجُودُ، لاطَماعُنِ لاھُوتَ ۾، وِڃايو وُجُودُ، سِڪَ مَنجهان…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ، سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ، تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جوڳِي جَڳِ نَہ وَڳِ، جَڳُ نَہ ڏِٺو جوڳِيين، آديسِي عالَمَ کان، لاھي چُرِئا لَڳِ، سامِي ٿِئا سَرَڳِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مَڙَه پُورِيائُون ماٺِ ٿِي، تَڪِيَنِ ناھِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿان اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَ ڄَمارَ، ڏيئِي ڏُکَ ڏُورِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سامِي کامِي پِرِينءَ لَيءِ، ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ، اوتِينِ اَرَتي گاڏُئُون، مَنجهان اَکِيُنِ آبُ، تِھَڙو ڏِسَنِ ڏوھُ کي، تِھَڙو تَنِ ثَوابُ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا، راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا، جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ، تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي، جوڳِي جَبَروتان وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ ڪِئو سوڳَندُ، پِيتائُون پُرِ ڪَري، سَندو مَحَبتَ مَندُ، ٿِئا سَڻاوا سَيِّدُ چئَي، رِڙِھِي لَڌائُون رَندُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا، مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ، ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اَرَتو اَکَڙِيُنِ ۾، مَٿي ڳَلَنِ ڳاڙَ، ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائُون ڦاڙَ، ھَڻِي توبَهَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ، آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ، سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَنِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿي اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَوڪارَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ، لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ، جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِئو پِيَنِ اُڃَ، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، مَنُ ماري ڪِئو…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ لَڳي ڪِينَ لِباسَ سين، وَتَنِ وِلِهي ويسِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو ڏِٺائُون، وِھَڪَ نَہ ڪِئائُون، اُڀِيَڻُ عَيبُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ، آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ، ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ، نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ، لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا، جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا، تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ، اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ، اُتِ ھُئا آسَڻَ آڌوتين جا. وَڄائي واٽَ ٿِئا، ساجَ سِڱِيُون سامان، اوڏِيءَ مَهلَ حَوا کي،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي، ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي، اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- صادَئُون صَبُرُ سِکِئا، ڌُرِيانئي ڌُڻِي، اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي، اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري، مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري، مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ، پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ، اَلإِيمَانُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا، ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي، اِشارَتُون اُنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ، ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ، ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان مُون گهَڻو نِھارِئا، سُڌِ نَہ مُڪِي سَڄَڻين، جيھِي نَہ تيھِي، ھُئا پَرَڏيھِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان ٿِئا، ھِي گهَرَ گهورِئائُون، آڳانڍِئائُون اَڳِيان.[ سُر پورب - جوڳي ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، سامِي سَڀَيئِي، ھِڪِڙا ٻِئَنِ کي، ھَلِئا ڏَسَ ڏيئِي، سِڱڙِيُون سيئِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- اُکولِيندي اُٿِئا، ويٺي وَٽِيائُون، اُنِهين جيءَ آئُون، ڪِھَڙِيءَ ڳالِهہ ڳَنڍِ ڏِيان.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ، تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ، سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا، ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي، ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ، مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ، ساري شفِيعَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين، ھَٿَ ڇُھَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِئاسِ، جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دائِيين، ٻائِيين دَرَبانِيين، ٿي پَرِ ۾ پُڇِياسِ، دُھِلين دَمامين نُقِرين، ٿي وِچَ ۾ وِھارِياسِ،…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ نَہ چَکِئو، دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، روئِي ٿِئا رَتُ، پُنهونءَ ھوءِ پَهَتُ ، پارِي نيڻُ پاڻَ سين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، روئِي رَتُ ٿِئا، جي ھَٿان ھوتَ وِئا، سي اَچَنِ تَہ آجِي ٿِيان.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، رَتُ ٿِئا روئِي، ڏُکَنِ جِي ڏوئِي، آھي ھَٿ اَسُونهِہ جي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جِهيڻا ٿِئا نَکَٽَ، ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- لاکا لَکَ ھُئا، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو، آجا اوڏَ ٿِئا، پَليءِ لَڳِي جَنھِن جي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، آئُون واڏِڻِ اَگَلِي، پَلَئِہ لَڳِي جَنِ، اوڏَ پِہ آجا ٿِئا،[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين، ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- تاڃِي تورِيائُون، نَہ عَيبَ نِکَتا اَڳِيان، ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، اَگَلِي آيُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَہ ٿِئا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ، ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾، نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ، جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو، جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي، ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڪِي جَو وَڃِي ڪالَهہ، اَکِيُون پَسِي آيُون، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جي جَمالَ، سي ٿِئا نيڻَ نِھالَ، جَنِي دِلبَرُ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا، وَڃِي تِتِ پِئا، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ ٻانگَ، وِچان واري لانگَ، اُوءِ آڌُوتِي عَدَمُ ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ، اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو، حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ، اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا، ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ، مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سَڀَ ٿِئاسُون سُپِرِين، وِئاسُون پاڻان، پانھِنجي ڄاڻان، رَتِي رَھِي نَہ ھيڪَڙِي.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون، نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ، اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ، اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَہ ڪِئامِ، ڍَٽِ جا ڍَڪِيامِ، تَنھِنجو پَرَوَرَ پنُ رَھائيين.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين، سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ، تَنِي ري حَمِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جُهران جِهڄان تي، جِيئَن پَسَڻائِي پَرَي ٿِئا، اللهَ اوٺِي آڻِيين، جَو کِيءَ جِي خَبَرَ ڏي، تَہ مَنَ مُنھِنجي کي واڪو…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا، مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا، ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ، سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ٿاجا ٿَرَ ڀَرَ جَهلَ، پِٻُون پائُرَ وَٽِ ۾، سيئِي سارِئو سُومَرا، اَچي آبُ اُڇَلَ، تَنِ سانبِيَنِ وِڌَمِ سَلَ، ڏِٺي جَنِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- لوھَ جا لَھِي وِئا، نِيَرُ نَہ لَھِي نِينھَن جو، مارُوئَڙَنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُھلا ڏِينھَن ٿِئا، ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ سين، تيلاھِين ٿِئامِ، سُکِنَئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- سي ٿاريلا ٿَرِ ٿِئا، جٖي مان گَهٽُ گُهري، وَطَنُ، وَسَ، وَسندِيُون، هِينئَڙي نِتُ هُري، اَندَرِ چِتَ چُري، مُون کي وِرھُ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پاسا پولَڙِيُنِ ۾، ٻانھُون سِرِ ٻيئِي، اَکِيُون نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي، ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ، مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ، مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- پِھرِين راتِ مَلِيرَ ري، مُون کي جا پيئِي، اُونداهِيءَ اَندوهَ ۾، وِھامِي ويئِي، ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، ڪَنِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پَرَ جَهلَ پييَمِ راتِڙِي، ٻِي ٻاٻاڻِنَؤُن ڌارَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا، نائي نيڻنِ نار، ويچارا پَنوَهارَ، ڏٺِي مُون ڏِينھَن ٿِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اَڄُ اوٺِي آيو، ڏيھَ ڏاڏاڻِين ڏانھَن، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٿِئا گَرِيبَنِ گاهَ، عُمَرَ کي اللهَ، ڪا چَڱِي وِجِهجِ چِتَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي، ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا، لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، ڇَڏي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، لَڏي لاڏُوئان، وَڃِي ڪِئائُون ويڙِهِيين، ٿَرَنِ ۾ ٿاڻان، پَکا سُونھَنِ پَٽَ ۾، تَنِ ڀاڳِيَنِ جا ڀاڻان،…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي، ويڙهِيچا وِئا، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، جيڏِيُون جاڙَ جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پائُران پيھِي آيا، مَلِيران مارُو، وَرِئا واهَرُو، هاڻُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پائُران پيھِي آيا، مارُو مَلِيران، ڇُٽا سُون سُوران، هائُو سَڀَ هِيڻا ٿِئا.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جٖي، آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو، مُون تان ڪِينَ ڪِئو، مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ، پَکَي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - وايون ]
- رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا، آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا، عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا…[ سُر مارئي - وايون ]
- تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان، دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين، اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا،…[ سُر مارئي - وايون ]
- جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ، مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- قُوتُ جَنِ جو ڪُوڻِيُون، پَرَھَنِ پاٻوڙا، پايو مُنھُن مَھِراڻَ ۾، ڪَڍَن ڪالوڙا، جَنِ تي ڏَنَ ھُئا ڏوڙا، سي سَڀَ اِنعامِي…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين، نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ، ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ، ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا، جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها ٻِئا ٿِئا، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا، سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]