رو بابت
معنيٰ
روئڻ جو امر. رڙيون ڪر.
Cry, weap.
بيتن ۽ وائين ۾
- آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ، لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ، مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو، مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي، تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِسِي سي گُهرَنِ، جٖي واڻيندَلَ وِچَ ۾، اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباھِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ، اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي، قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- عِشقَ تُساڏي مَين عاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيان، دَردَ رانجَهن دي گهايَلِ ڪِيتِي، ھِڪُ جِيئَن سُھڻا، ٻِيجِي بي پَرواھِي، ويڄَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين، تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ، پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ، پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي، لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين، مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ، لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ، سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ، اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ، کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ، رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- جِيئَن ڄيرو کائي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري، اَڃا پِرتِ پَري، ڳالِهہ نَہ ڳالِهيُنِ جِھَڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو، پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو، مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ، سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ، سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ، پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيَمِ چالِيھا رَکُ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين، اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکُ، تان تُون پاڻُ پَرِکُ، ھُو سَڀَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ، نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ، سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ، تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نَہ وِسَرِي، آھَ ڪَرِيندي ساھُ، ڪَڏِھِين ويندُنِ نِڪِرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو، اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي، ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي، عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو، ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان، ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ، ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ، پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- صَبُرُ گهَڻو سَڦِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ، پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ، ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو، اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ، ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ، ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ، اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا، اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري، سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري، مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- کاءِ نَہ کَٽَڻَھارُ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري، اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَھي نَہ سارَ، لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکِڙِيُون چَري، ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کاءِ، اِنَ مَيي سَندي ماءَ، مُون کي ڳالِهڙِيُنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ، تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتارو ٿِئو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ، روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي، آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي، ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو، مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو، سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- قَمَرَ ڪارو نانگُ، توکي کائي ڪَڏِھِين، وِڇوڙو وِڙواندُ، ڏِنُئِي ڏُکويُنِ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي، ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا، پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ، مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ، مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سودو اِھوئِي سَڦِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي، لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ، عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو، بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو، تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون، پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون، آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو، کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ، اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو، تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو پَئِي پُراڻو نَہ ٿِئي، ويچِيندي وِلائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳَھَ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو، ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ، سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو، مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ، تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪا جَا پيئِي مَڪڙِيين، مَنجهان پاڻِيءَ پِڪَ، وَکَرُ ھَڻِي وَڻِڪَ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِئو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَھَ تِکَ وَھَڪُرو، جِتَ لَنگَرَ نَہ ٺَهَرَنِ، وَڏاندَرِيُون وَھَ سامُهُن، ٿِيُون جَهجهي زورِ جُنبَنِ، نِينڊونءَ ۾ ناتارِيُون، ڪي وَڻِجارا وِجهَنِ،…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ، ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ، سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي، لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ، وِلِها جٖي وِينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي، گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي، تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ، ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين، سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويھُ مَ ويسارو، صُبحِ سَوارو، اُھَرَندين اوڙاھَ ڏي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي، سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي، بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن، مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو…[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا جٖي، موٽِي ماڳِ نَہ آيا، ماءِ سامُونڊِي سي، کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُ وَرِي وِئو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏَئُون، اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ڳِرِيو جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهِري ھَٿَڙا، کُوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئا سِکِئو.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ پَلِيين، آيو ٻارَھين ماھَ، پُڻ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون، مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ، وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- کيڙائُنِ کارو، سَنجهيئِي سارِئو، آيَلِ اُمارو، آھِينِ پَرِئين پارَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا، پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ، آئُون…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا، وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ، آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ، پَڳَھَ…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي، ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري، مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جان ڪي جَهِليان…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ، تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون، ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان، ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين، اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ، مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ، سيڻَنِ ساجُهرِ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي، ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي، تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي، ھُوندَ نَہ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيُون، ھِي جو حالُ مُنھِنجي جِندَڙي، پائي وِئَڙا پيرَ ۾، مَنجهان کَرَسَ کَسو، آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان، اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان، مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ، تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو مَٿي تَنِ، جٖي ساھَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊُ ٿِئي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ، جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ، پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ، سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ، ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ تِکيُون تَنوارُون، مُنھِنجُون مانَ ميھارَ کي، پَهچَنِ پُڪاروُن، لَھُ ساھَڙَ سَنڀارُون، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَران.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ، آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- جِئان گِهڙي تِئانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، ڏَمَ سين جُسو ظاھِرا، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ، سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنھِن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ، جَنِ کي عِشقَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي، ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي، ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس، تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ، مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري، تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري، مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ، سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي، ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ، سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾، دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ، ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن، لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ، آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ، دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ، جَي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ، اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ، وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جيھَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نَہ ھوءِ، اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَھُ پِريان جو پوءِ، جَي ڪَچو چَونِمِ ڪو، تَہ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- گهيڙُ لَنگِهئو گَهاري، ميثاقا ميھارَ ڏي، اَلَستُ بِرَبِڪُم قالُو بَلیٰ پَرِ اِھائِي پاري، ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچِرو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ميھارَ جي مَحَبتَ جُون، دِلِ اَندَرِ دُونھِيُون، آڻِئو وِجِهي آرَ ۾، لُھارو لُوھِيُون، جٖي ساھَڙَ جُون سُونھِيون، سِيرَ سَراڙو تَنِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي، ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري، روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ، عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو، ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا، پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون، سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري، سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ھُيَسِ مَجِهہ اَمُنَ، عِشقَ اُٿارِيَس اوچِتي، ڌَراڙَڪي ڌُنَ، سَنئُون سُونھايُمِ پيچِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان، اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا، اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين، مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا، دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي، آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي، پَسِئو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي، اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي، وِھو…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ، وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ، نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين، روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين، آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ، روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ، وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو، جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ، اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَري بادَلِيا تُم اُتِ بَرسَ ڪَرو، ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَن، تَنَگَ ڀَڄَنِ تَرڪَشَ پُسَنِ، تِئا سَڄَڻُ چِتِ پَوَنِ.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري، وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري، کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري، ڪَڪَرَ اَڄُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ، پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ، چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري، سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو، ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ، مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو، چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، تَڏِھِين مَولا مِينھَن وَسايا.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي، ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي، آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ، ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي، ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن، مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ، ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ، گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ، پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ، بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ، ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ، ڪَرَھَ ھُئِي…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ، ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ، مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهزادَنِ جِي، عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي، روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي، ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو، روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو، مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏِينھان رِڻَ ۾، پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو، کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ، پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ، جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ، اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان، عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ، اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو، جيڪِي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ، ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ، ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، چَڙِھي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جيڪُسِ يادِ ڪِئاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾، جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئاسِ، وَڃِي ڪيچِ پُنِياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهہ سين.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ، سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ، جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو، آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو، پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ، ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين، لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ، ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرُ ڇُلُ مَ تُون، مَنجهان لَڌو مُون، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- اَئِين وَريتِيُون وَرو، آئُون نَہ وَرَندِي وَرَ ري، جاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تانگهِيندَيسِ تَرو، جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينھُن نِبيرَڻُ نَہ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ، ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- مُون کي ڀانئِين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا، اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ، ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويھِي ڪِئو وَڻِڪارِ ۾، سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- پيرين پِئا پُرڪَڻا، رَھَ ۾ گهَڻو رُنومِ، پاراتو پِرِينءَ کي، تَپِي تان نَہ ڏِنومِ، چُڪِي ٿِي چِيومِ، سُواھيرو سين سَڄَڻين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو، ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ، اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي ٿِيين وِصالَ کي، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ، لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ووڙِيَمِ سَڀَ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي، ٱللهُ بِڪُلِّ شَىۡءٍ مُّحِيۡـطًا ، اِي آرِياڻِيءَ اُھڃاڻَ، سَڀَ ۾ پُنهون پاڻَ، ڪِينِهي…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ، موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ، ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ…[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو، ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو، ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ، چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا، ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي، جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا،…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، پِرِين پاڻورِيءَ ھَلِئا، ڪَندِينءَ ڪوھُ روئِي، پُوندو سانگُ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- وَڏو طالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو، ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي مِلَنِ نَہ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون، اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ، ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- پُڇين جانۡ ٻَروچُ، تانۡ پاسي ڪَرِ پَرھيزَ کي، جَنِ ڏِٺو ھوتُ، تَنِ دِينَ سَڀَيئِي دُورِ ڪِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو، سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي، لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- سُڻُ تو سَنگ نَہ واٽَ ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين، ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄايا، ڪاھِيائُون ڪَنواٽَ، جُهوٽي ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾، سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو، مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ، ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ، موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- پَنڌُ نَہ پَنڌَنِ جيتَرو، ڪِيئَن سُڄَندِي ڪِيھَ، جيڪَرَ ڪَرِيان رِيھَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَھي، اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جَنھِن وِسارِئو، جيڏِيُون ڇَڏي جاْڙَ، سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ، سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ، سا مَھِندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ، نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتُونءَ جِي چانگارَ، اِي عِشقَ جا اُٻَڪارَ، نَعرو آھي نِينھَن جو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ، ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ، ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان، پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان، سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- وارو مُون وَڻاھُ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِئو، اِيءَ اِھائِي ڳالِهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاھُ، چوٽِيين چاڙھيجاھُ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنھُن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- وارو مُون وَڻَراھِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِيو، وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ، مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏيِين، آھي اَسُونھِن جِي، مَٿي تو مَيارَ، وِڙِھِئا ويراڳَڻِ سين، لَڪَنِ جا…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ رَتُ ڦُڙا، لَنڊِينِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا، مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينھَن، اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ ڪَري، آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ نَہ چَڱا چوءِ، پَرو تَنِ کان پوءِ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ، ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ، وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ، وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ، مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ، ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ سُڪارِئو، ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا، راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويون ٿِئُمِ پَساھُ، سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ، شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ، وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ، سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ، ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو، مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو، مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي، سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي، مَٿي…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو، وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي، لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حالُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين، تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين، اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين، سٻاجها سائِين،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ، آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون، رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“، وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تي، ڪَڏِھِين ٿِيجي واتُ، ڪَڏِھِين ٿِيجي ٻَڪِرو، ڪَڏِھِين ٿِيجي ڪاتُ.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄامَ جي، دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ، لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي، اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو، مُون کي ڏِينھَن…[ سُر معذوري - وايون ]
- مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي ڇا، راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن، ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان، پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان، چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ، وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا، پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئا ھوتَ قَرارُ، رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي، رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ، ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ، ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا، وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا، آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي، رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي، ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي، سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي، روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشه ھُوندا پِرِين، ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ، ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ، جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ، ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، چانگَنِ تي چَڙِھِي، ڪِئان ٿِي ڪوھِيارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي، وَڃِي وَرُ وَڻِڪارَ ۾، گهاري مانَ گهڙَي،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ، وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ. پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ، رَندَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا، وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا، ھَي ھِنيين…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري، چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري، اَدِيُون اوتاري راتِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي، بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ، ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- آڻي جهوڪِئا جهوڪَ ۾، مِزمانَن مَھِرِي، چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي، ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ھُونگاَري ھَلِئا، پاتائُون پَلاڻَ، ليڙَنِ جُهُلون لاکَ جُون، سِينگارِئا سَرواڻَ، جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا، سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ، اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ، سَرَھو…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي، اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي، ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا، سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ، ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ، سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ساھي ٻَڌي سَندِرو مَٿي بَرَ بَندِي، آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي. مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- لَڪِ چَڙِھِيو رڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا، ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ، ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُراڻِي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- لَڪِ چَڙِهئو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا، اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ، اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين، تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ، اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي ڏُکَنِ جا، لَڳِيَسِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڪُڙِھ اَندَرِ ڪا جَا، ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو، نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ، آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَي ڄاڻان جَتَنِ، تَہ پوءِ پَٽاندَرُ ھيتِرو، آئُون ڪِيئَن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرايان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ سان جانڪُون، ٿانڪُون مُون سَڱُ ٿِئو، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، تَنُ ڇَڏِي تاڪُون، آئُون پُڻ تَڏَھانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ، اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏاگهَنِ ڏاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو، ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو، نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پَروانُو پُنهونءَ ڏي، لِکِئو آرِيءَ ھوتَ، اِيءَ پَرِ نَہ پانھِنجِي، جِيئَن پَهَسَ پَڇاڙِين پوتَ، ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڪِ لَڳُئِي نِينھُن…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري، ڪِئائِين سَڱُ سَيِّدُ چئَي، ڄامَنِ سان ڄاڻِي، پاڻِ تَہ پَرٽِياڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ ھوتَ جِي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مُون کي نيئِي ويچِ، ٻاروچاڻِي ساٿَ ۾، آئُون پُڻ وَڃَي ڪيچِ، ٻُڏا ٻانِهيَنِ جِيئَن ڪَرِيان.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي، روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي، نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان، ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان، ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ، جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ، ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ، ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي، ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ، سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو، پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو، وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو، موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو، آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ، ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڀانيُمِ جٖي سَرواڻَ، تَہ ڪِ ڇُلائِيندا ڇَپَرين، کانيَمِ ھُوندَ پَلاڻَ، اُٺَ گُڏايَمِ اُنِ جا.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپَرين، ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي، وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا، ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي، ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي، ٻانڀَڻِ کي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي، نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو، ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو، ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان لَهِي، اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي، ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- گَنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ نَہ ڪَنِ، اِنَ اوسِيئَڙي پَنڌَ جي، چِنُو نَہ چانگَنَ، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، توکي ڳَھَرَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان مَٿي رَندَ، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ڇِنِي بازُو بَندَ ، ھاڻي پُڇان ھَنڌَ، ھاڙِھي ۾ ھوتَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ، وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ، گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ، ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي سَندِي جِيءَ جَڙِي، ڪَپي ڪوھِيارو وِئو.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي، ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي، جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو، ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ، ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪُوڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَئَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙا، سا ڏُکان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُ، رائو روئِي روھُ، مُنڌَ ڳوڙَھَنِ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَھَڻُ ھِيءُ پيچِرو، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ، ويچارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيان…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَسُئِي سَرواڻَنِ سين، ڪِھَڙو لَهُہ لَڳوءِ، جَتَنِ جَڙَ ھَنيَئِي، ڪِي پاڻَهِين نِينھُن لڳوءِ، ڏاڏي پوٽو ڏيھَ ۾ ڏُکِي ڪو نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- پِييَمِ پَٺاڻَنِ سين ٻولِي جٖي نَہ ٻُجَهنِ، آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمجهان، اُوءِ پارِسِي پُڇَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَوي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو فازا باتِ جَنِي، سِيروُزي شِيشِي، ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي، ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي، پُنهون پَرويشِي،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو بِگيرَدِ بي رَوان، شَنگِ رَوان شيزاَ، ٿِي جاڳائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغا، ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغان، لالَ مَنجهان…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو بِگِيرَدِ بي، ٿا ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، مُون لوڏان ئِي لَکِيا، تَہ ھاڃو ڪَندا ھي، مارِيندا مُون کي، پُنهون…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙي مامَ، ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ، اَچي تَنِ جِي سامَ،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جيڪَرَ رَوان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي، مُنا گُشِي مَولِدي، ديوا پُنهون دوسَ، چَڙِھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرِ ڪَرِيندِي پوشَ، ٿَئي گُواکا…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گُئاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَرواڻَن جو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ، لالَڻُ لِيل رَوان ٿِئو، ٿي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- شَما واوَ شَموسَ، سِگهِي مِڙَندِينءَ سَسُئِي، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، گُئاخُ نَہ ڪِيڙُءِ گوَشِ، رَوا مَروشِي روشُ، ڪاھِ تَہ ڪيچِيَنِ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڏاگهَنِ لاھِين ڏاڻَ، اُٺَنِ ڏِين کَر کَرا، مُنا شِيشِي ڦُڙتَگا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، اُٿِي اُٺَ نِياڻَ، بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيا، پاتائُون پَلاڻَ، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، مَين پُڻ ڀاڳو رَفتَگان.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- لَڄَ بَلوچِي نِشتَگان، ھُنِ ٻولِي ٻُڌائِي، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان، ٻاروچِي وائِي، جَڏھِن نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦازا ڏيرَ ڦَنگهين وِئا.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڦازا ڦيريائُون، مَھارُون مَيَنِ جُون، مَروشِي جَبَلِ رَوان، واڳُون وارِيائُون، مُون کي مارِيائُون، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- لالَڻَ لوغَ وِئا، ھَلَڪَ رَوان ڙِي جيڏِيُون. پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گِندا گُشِي پاڻَ ۾، سِرِ چَپَنِ چولي، پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻاروچي ٻولِي، گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄامَ پُنهونءَ کي.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- زَڙِتو بَڙِئو روزِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، ٿَشِ ٿَڙَشِ ڪِينَ ڪِي، بُرو ڏُونگَرَ ڏورِ، مَنان ٿَڙِشا نَہ ڪَرِ، بَرابَر اُٿِي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- شَما بُروا زِيرِ ڪَنِي، سَڄَڻَ لَڳِ خُدا، چَشِما تي ڪُش مَران، تيري نيڻين ڪِئا گهاءَ، آئُون ڪِيئَن مَٽِيان ساءُ، سيڻَنِ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- بُرو ڪَشِي بَر چَڙِهئا، نِڌِ نَئُون نيئِي، بارِي اُٺَ بَلوچَ سين، مَهري مِڙيئِي. ڏُکِيءَ کي ڏيئي، وِئا ڏاڍين ڏُونگَرين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڪَھان تان ڪيچان پَري، سُمَهان تان سِرَ ھيٺِ، ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون جيھِي پَرِ ٿِي.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ جو، اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ، اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ، وَڃان واٽَ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- بِلڪُلِ ڪَري نَہ بَسِ، ھِنيُون مُنھِنجو ھوتَ ري، پِرِين جَنھِن پارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ، ٿِئو ٻاروچي وَسِ، جِيئَڻُ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي، چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي، پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي، جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو ٻاروچا، سانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجا وو ٻاروچا، ڏُکيءَ جا ڏيرا وو پانڌِيا، ڪَمِيڻِيءَ جا ڪيچَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾ بِرِھُ بَلوچَ جو، مُون کي لَڳَڙو ڪانُ شِتابا، ٻَرِيَمِ ٻاروچَنِ جا، ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيا، ڏُکوُن…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو، ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ، مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ، اوٺِيَنِ اُٺَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ، قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ، مُٺِي مَھمانَنِ سين،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اِجلِس ڪَري اُٿِئا، تَنوارِئو توڏَنِ، نَومَ نَوازي تَنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ، رِڙِھِي رَسُ روڏَنِ، اليَومَ سِيرُو سَسُئِي.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ، قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ، سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ تو ڪارُون، ڪِئا نَہ ٻاروچن سين، ڪَندا تَنوارُون، پاَسان تو پِرِين وِئا.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ مُون سين روءُ، ڪَڍِي پارَ پُنهونءَ جا، سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، پاڻُ مٿانئِي گهورِيان، تو ۾ رِھاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- اَڄُ پُڻ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾، ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو، لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، وَمَ وِھاٽِي ووڙي، ڪوھِيارِي ڪِڙڪَ، ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنھِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ، ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي، ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي، مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ، ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄاڻان، مَٿي ڪِئو ڀُڻان، ھَنجُنِ ھاڻا ھَٿَڙا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ، اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ، گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پَنڌُ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- آڌِيءَ اُو اُٿِي وِئا، ڪَرُ رَکِئائُون ڪيچَ، ٻاروچاڻي پيچَ، مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ نَہ ڀائِي ھوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ سين، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ، مَٿي تائِين مَوتَ، سِڪَ ٻاروچي نَہ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- زارِي سا زارِي، اَلولَ ٻاروچي سان ڪَندِيَس زارِي، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، مُون سان قِيامَتَ ڪارِي، ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ، اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ٻاروچا ٻاجهَہ پَئِي، مان کي نِيندا ساڻُ، ڏِيندا مُون ڏُکِي کي، اَلَھَ لَڳِ اُھڃاڻَ، لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي، پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ، نَہ پَھِي نَہ پانڌِي ڪو، جَنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ، مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ويٺي مُون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان، آئُون ڏورِيندِي ڪيتِرو، پَھَڻَنِ پيرُ پِئو، سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُنِ ڏيئِي رَڱُ، مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- تانۡ تانۡ ڪَرَھَلُ ڪاھِ، جانۡ جانۡ آھي سوجِهرو، مَتان ٿِئي اُونداھِ، پيرُ نَہ لَھين پِرِينءَ جو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- جِيئَن جِيئَن تَپي ڏِينھُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لَڳِي مُون کي لُوھَ، وِرِھَ لاٽُون لايُون، رازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان، ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ، ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ، آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- کُوءِ ٻولِي ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي، مُون کي چَئِي لوچ، پيھِي وِئَڙا ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪو گهُمَندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو، ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، مُون جٖي ڪِئا سَڏَ، ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، مَٿو اُگهاڙو، مُنھِنجو ڪُڄاڙو، ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون، سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- گهورِئو ھِيءُ ڀَنڀورُ، مُون سَگُ ٻاروچَن سين، آھي آرِيچَنِ جو، ديوانِيءَ کي دورُ، سَندو ھوتَنِ ھورُ، مَرڪُ ٿِئو مَعذُورِ کي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا، جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ، ھِنيَين مُنھِنجي…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجارِئو، لاٿو سَڀَ ڪَنھِن لوڪَ تان، ھاڙِي ڌَڻِيءَ ھورُ، ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون مُنھِنجو پورُ، آيو…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ، ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- وَڏِي وَسَ ھُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، وَڃِي ڏُورِ پِئا، سانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، پَهچائي پُنهونءَ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو، پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ، تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا، پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي، ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- پاڙي ناھِ پَرُوڙَ، تَہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ، ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ھُيَسِ جَي آئُون، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، ھُوندَ نَہ ڇَڏِيائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ، اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا، لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- نَڪِي ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِي سَڱِيڻِي، آھِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ ٻاروچِيءَ نَہ جُڙانِ.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين، سي وَڃِي ٿِئا ڪيچِ قَرارِ، رُئان زارورزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏُکَ رُئان سُورَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، اَڌَمِئو آڌِيءَ راتِ جو، پُومِ پَلَٽِئو پُورَ، ھِڪَ آئُون مَعذُورِ، ٻِئو ھَٿان مُون ھوتُ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ آئُون اَڳيئِي ڪانھِري، ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ، جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَنِ سانگهارو، ڏُکِيءَ ڏِنو ڪونَہ ڪو، آيَلِ اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَھي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڏِنو، ٻائِڙَ ٻوڙَ وَھَنِ، ڪالُهُوڻِئا اَڄُ گهَڻو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو، پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ، ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ، اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ، اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ، پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ، توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون، روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون، مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون، مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- نَہ ڪا ڏُکوِئي، نَہ ڪا پَسان ڏُکَ سين، جَنھِن سين روئِي، لاھِيان سُورَ سَرَتِيُون.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا، دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- آيَلِ ٻاروچَنِ تي، جيڪَرَ ڪَرِيان ڳالِهہ، چُوندا لاٿِيَئِي لاڳِ، مُنڌَ ڪِي ڪيچَ ڌَڻِيَنِ سين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جيڪا ڪَندِي سَڱُ، آيَلِ ٻاروچَنِ سين، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنڱُ، رُوندِي سا رَتَ ڦُڙا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين، سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جيڪا ڪَندِي مَنجُهہ، مُون جِيئَن ٻاروچَنِ سين، مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڏِٺان جَي ٻَروچُ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، مُون کي چَئِي لوچُ، پاڻِ ڇُلِي پيٺِيُون ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڏِٺو جَنِ ھيڪارَ، آرِياڻِي اَکِيُنِ سان، وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، ٻاروچو ٻِيهارَ، تَنِي سَندا پارَ، پِٽَڻَ ۾ پَڌِرا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيھُ ٻاروچَنِ جو، پُنهونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينھَن جو.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، سَنجهي ۽ صُبُوحِ، ھُوندَ نَہ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين، مُون جِيئَن مُوڙِھِيَنِ مَتِ، پَسَنديئِي پُنهونءَ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جَي تو ڳالَهائي، ماءُ ٻاروچا پُڇِئا، اُنِهين جِي وائِي، ھُوندَ نَہ وييَئِي وِسَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ سَڀَنِ، چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ، مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مانَ ٻاروچا ھُونِ، ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِيُنِ سين، جَنِي ڌاران پُونِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ، صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مَرِي ٿيِندِيَس مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ جيڏِيُون، ڪَري ڪوھِيارو سُڃَ، وِئو ڇُلائي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو ٿورو سَڄَڻين، تو جيھِي ٽيڙِي، دَرِ ٻاروچي ڪيترِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽ راڙو، ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو، ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو ھوتُ وَري، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا، ساڻُسِ سيڻَ سِتوھُ، ڊوھِي اَٿِئان ڊوھُ، مَتان ڪا مُون…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجُهہ نِڪُوجَ ۾، روئِي رُوپُ وِڃاءِ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا، ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون، سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا، ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين، وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين، لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو وِجُهہ وَڻين، تُنھِنجِي پَنڌِ گَهڻين، مَنَ ڪوھِيارو ڪُوڪَ سُڻي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ساٿِيَنِ سِينءَ نَہ جاڳِينءَ، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ، اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ ھوءِ، جِيئَن ھُوءِ سانگِي تُون سُمَهين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ساٿِي توءِ ھَلَنِ، پَٿَرُ جي وارَ ڪَرِيان، جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڏِٺو عَيبُ اَکِيُنِ سين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اوٺِيَنِ اُمارو، مُون جَهلِيندي نَہ رَھِئا، ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- وارَو وَڃَنِ ٿا، سيڻَ تُنھِنجا سَسُئِي، ھِھَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَھَنديِنءَ ڪي ٻِئا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اللهَ واري آڻِ ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، جَنِي جي رِھاڻِ، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پَسِي پَھَرَ پُنهونءَ جِي، نُنھِن سين نيڻَ ٺرِيامِ، گُوندَرَ وِسَرِئامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- آيَلِ ٻاروچا، وَرِي وَطَنِ آيا، سائِينءَ صابِ وِڌا، اوجاڳا اَکِيُنِ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اَچِئو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻِي ماڻُهو ٿِي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڀَلِي ڪَرَ ٿِئومِ، ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سين، وَڃِي ڪيۡچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوھِيارِي ڪَنجِرو، ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڏِٺَمِ ڏونگَرِيا، ھُيَسِ گهورِي جَنِ جِي، مُون لوڏان ئِي لَکِئا، اِھَڙا ٻاروچا، جيڪُسِ ڪوھِيارا، مُون ڪَرَ لاھُو آيا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- پَٽِيءَ نَہ پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نَہ ڇَمِئا، پويون ھِي ڀيرونِ، نِينھُن نباھي ھَلِئا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- وَرُ ٻاروچاڻِي ٻوڏُ، گهورِي جِيءُ ٻِيَنِ جِي، آھيمِ جَنھِن جو ڪوڏُ، سو مانَ آرِياڻِي اَچي وَرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھارِي ھِنيُون مَ لوڏِ، سُکين پُوندِينءَ سَسُئِي، ڪوھِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھَ قَطارِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪوھِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آيو، ھوءِ مَرُ ھوتُ حَياتُ، آئُون مُيائِي تَہ خُوبُ ٿِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪوھِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٻَ جا، سي ڏيھَ ڏيکاري، جٖي اَڳَ نَہ ڏِٺا ڪَڏِھِين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارِي، ڪِينَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون، مادَرِ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري، مُيُون جو ماري، سو مان گُوندَرُ گَڏِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪوھِيارو ڪيڻانِ، ڪيڻِ وَڃِي ڪاڏي وَڃان، مُون ڀانيو سيڻان، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو، پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ، وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ، ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڪِيُون آن لَڳا، ڪِ پَلَؤَ پانڌِيَنِ جا، تُھان گَهڻيرو ماءِ، رُوَندا اُوءِ رَتُ وِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻي سَڱَ جو، جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَہ جِيءُ سُڻائي جَڳَ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي، تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- آئُون ٿِي چَڙَھان چوٽِيين، وَرَڻُ ھوءِ نَہ ھوءِ، پاڙيچِي پَرِ توءِ، نِماڻِيءَ جو نِجِهرو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ پُنهونءَ سين، جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ، مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، ھَلَڻَ ريءَ مَ ھَلُ، جَلَڻَ ريءَ مَ جَلُ، روئَڻَ ريءَ مَتان رُوئين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا، سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو، جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ، جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سَؤُ سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻ ڏِيان سَٽِ، جَي مُون مِڙي مَٽِ، تَہ وِرھُ وِھايان وِتَرو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سُکَنِ مَٿي سُورَ، ڪا مَٽائِيندِي جيڏِيُون، پييانءَ جي پَروڙَ، ڪوڙيِين ڪَتَرُ نَہ ڏِيو.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن، صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ھِئان ٿي ھَلَندِياسِ، سَرَتِيُون ساڻيھَ سامُھِين، سونَ ڪَڙولا سَنگهَرُون، ڏُونگَرَ کي ڏِيندِياسِ، آيَلِ ٻاروچَنِ سين، ڪيسَرِيا ڪَندِياسِ، مِليَسِ تَہ مِلياسِ،…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- سُيَئِي ڪا تَنوارَ، ڪِي ھُونئَن ئِي ٿِي ھَٿَ کَڻِين؟ سَوين رولِيُون سَسُئِي، ھوتاڻَنِ ھَزارَ، ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نَہ سِکِئا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪاروُن جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِي مَسَ اچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو، سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي، ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- توڻي تَتو توءِ، مُنڌَ وِرچي نَہ وِھي، رائي رَتو روءِ، اَپارِي اوٺِيَنِ لاءِ.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي، سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ وَرَنِ ۾، ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري، آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي، مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو…[ سُر حسيني - وايون ]
- وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو، پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي، ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي،…[ سُر حسيني - وايون ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا، ٻاروچا ڪوھِيارا، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا، سُڌِ نَہ اُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ…[ سُر حسيني - وايون ]
- روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين، وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون، ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان…[ سُر حسيني - وايون ]
- اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڪوھِيارِي جي ڪاڻِ، ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَل سين، رائي مَنجِهہ رِھاڻِ، رِڻُ جهاڳِندِيَسِ راتِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن، مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن، ڇيڙي وِڌِيَسِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا، پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا، ڇورِي ڇِنِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھُون، تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون، ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پاٺُ پِھرِينءَ راتِ ۾، ڳَڙَه پاسي ڳايو، پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو، سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو، سِرَ جِي صَدا سِرَ ۾، گهُورَ ھَڻِي گهُرَندو، مَٿي ريءَ مَلُوڪَ جي، چارَڻُ نَہ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي، سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي، تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو، ڪَڍِي تَنھِن ڪِينِرو، ويھِي وَڄايو، شَھَرُ سَڄو ئِي سُرودَ سين، تَندنِ تَپايو، دايُون…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين، موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين، ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو راڻو آھيين، ڪالَهُون ڪَرَ ڪَھِيو وَڃين، ڳَڙَه پاسي ڳاھُون، اِيءَ مامَ پَرُوڙِي مُون، تَہ مارِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو، ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ، ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ، ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ، تَنھِن جِھوئِي ناھِ ڪِي، جِيئَن تو چارَڻَ ڪِئو پَنڌُ، اِيءُ شُڪُرُ اَلحَمدُ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي، تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين، آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي، حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي، تَنِي…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڀَرِ ڀَنجُهوءِ ويھِي، ڪِھَڙِي ڪَندين ڳالِهڙِي، ڍَڪي ھَلَندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڪَنڌِ ڪَلَرُ ڏيئِي، ڄاڃِي ماڃِي موٽِئا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئِي، خَبَرَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ، سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ٿِئومِ، آثارو عِشقَ جو، مَحبُوبَنِ مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ، تِھان پوءِ ٿِئومِ پاڻِهين پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آيا پِرِين گُهرَنِ، اوتارا اَکِيُنِ ۾، ويڙھو ڏِيانِ ويڪِرو، وَنِيُنِ مَنجِهہ وِھَنِ، آئُون ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِئا،[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي، مَتِ ڏِنِي مِه مَنَ، ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ، رَتِي رُسُ مَ تَنِ سين، ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، سِرُ ڪَرِيان سِرون، ھَنڌُ وِڇايان وارَ، ساڻُنِ سَڀَ ڄَمارَ، گولِي ٿِي گُذارِيان.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين، نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو، مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو، آڱُرِ…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻِي ريٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪِڙو، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، مانجِهي موچارو، صُبوحِ سَوارو، ڪاڪِ گِهڙندو ڪَرَھو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ ڪَمائِي، تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي، ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو، وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ، اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَوائِي، لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، لالِي تَنھِن لائِي، ڪانِهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن، ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي، لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي، مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو، پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو، راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ، مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ، پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ، جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ، جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ، راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي، مَٿي پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ ھَڻَنِ جي.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ، وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ، ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ، جِن…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون، ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون، وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون، ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ، تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو، پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ، آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين، ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ، جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ مَ رَتُ، سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا، پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا، ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون آڻِ، ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ، شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري، وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري، جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري، سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ، تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي، ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي، ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي قِيامَتَ ڪارِي، جَنھِن ۾ مِيرُ مَينڌَرو، سا پَر نَہ مُون پاري، ڍولي سا ڍارِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪوجو ڪَٽَرُ ڪاڪِ مان، راڻي کي رَھِئو، ماڳِ نَہ اَچي مَينڌَرو، ايڏو سُورُ سَھِيو، موٽِي تَنھِن مَحلاتَ ۾، وَري تان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري ڳوٺَ جُون، ماڙِيُون مَحَلَ مَڱَرُ ٿِئا، پِرَ پُڄاڻا پوءِ، سوڍا سُورُ سَندوءِ، چَوَڻَ کان چَئوڻُو…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ جهوڪي، ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي، سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو، سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو، بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اللهَ سوڍَلُ آڻِيين، جانِي اَٿَمِ جوئِي، مُورِ نَہ مَٽِيان مَينڌَرو، مَنجهان سِڪَ سوئِي، راڻي سين روئِي، قِصا ڪَندِيَسِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي، آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي، وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ جِيھين چوءِ، راڻو تِيئَن نَہ روءِ، ڳوڙھو جِيئَن ڳَلِ ڳَڙي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اِيندا ويندا اَڙِئا، ڏيسارُو ھُئا، گاروڙِيَنِ گَسَ ڪِئا ڪاھِي ڪاڪِ وِچان، مُومَلَ کي توڙان، وِجِهي وِئا وِپَڙي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو، تَنھِن ناتَر گَهڻا نِهوڙِئا، جا دَرَ مَٿي دائِي، اَڃا مُومَلَ مَنجِهہ ٿِي، ھِيءَ جا ٻاڻَ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي، چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي، نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي، ڪونِهي ٻِئو…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي، پَٿَرِ وارَ…[ سُر راڻو - وايون ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]
- رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا چَڱي نَہ اِيئَن، تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن، تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ…[ سُر راڻو - وايون ]
- تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ ڪَھَندين ڪَڏِھِين، وَڃِي ھَڻَندَءِ اُتَھِين، جِتِ اوندَھِ اَنڌارو، نَڪو ساٿِي سُڃَ ۾، نَڪو رِڃُنِ ريٻارو،…[ سُر راڻو - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو، ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ، واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ، گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃُو ڏوٿِيَنِ ري، پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- سُونھَپَ ۾ سَپَ گَهڻا، مُنجَهڻُ ماکِي ھوءِ، پَرو تَنھِين پوءِ، جو اُجِهي پَئي اُنَ تان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ، ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ جِي، ويچارو وَسِ نَہ پانھِنجي، حِيلَنِ ڪَري ھَزارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، ھِنَ لاکِيڻِيءَ لوڌِ…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- وَسائِيندَڙِي مِينھَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينھَن، اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُدائِتا مِينھَن، مُون…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ڪا مَ جَهلي ڪا مَ پَلي، مُنڌَ مُون کي ماءَ، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، وِھاڻِيءَ وِئا، ويڙھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهِرِي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ، قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ، پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ، راتو ڏِينھَن…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ، نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ، ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ، نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ، سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- اَٺين ڏِينھِن اُڀِي وِئا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ ، سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ، ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي، سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي، ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- پَنجِوِيهيِنءَ تي پُورَڀِي، آڻِيندو اللهُ، وَنگي وِرھَنِ ويڙِھئو، ساڻُ سَناسِيَنِ ساھُ، آيو آبُ اکِيَنِ مان، اُڪَنڊئو ارواحُ، سِڪَ تَنھِن سامِيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- پُورِيءَ ٽِيھَن پِرِينءَ سين، ٿِئا مِڙيئِي مَوجُودُ، نِسوروئي نانھِن جو، سامِي ڪَنِ سُجُودُ، لاطَماعُنِ لاھُوتَ ۾، وِڃايو وُجُودُ، سِڪَ مَنجهان…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو، نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ، راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ گُروءَ جي گَسِ، ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ ڪَلمي جِي پارِ، پَنجَنِ سين پُورو رَھُ، آيا ٽِيھَ مَ ٽارِ، تَڏِھِين ڌاڳا ڌارِ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جوڳِي ٿِينداسُون، ماءَ پَلِيندِينءَ ڪيتِرو، گِلائُون ۽ غِيبَتَ، سَڀَيئِي سَھَنداسُون، وَٺِئو وينداسُون، مُنھُن پَنھِنجو پاڻَ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ، ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، اوري ڪَرِ مَ آسِرو، پَري پيرُ مَ پاءِ، جَنھِن جِي جاءِ نَہ ماءِ، وانءُ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي، جوڳِي جَبَروتان وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون، ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي، اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو، ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ، رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- دِلِ ڌوتائِين دُکَ سين، ڌاڳا ھَڏِ نَہ ڌوءِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، رُوحان اَندَرِ روءِ، ڪو نَہ ڏِٺوسُون ڪو، سَناسِي سُورَ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ ڪولِ، نانگا پنھنجي ناٿ سين، وڃن ڳولا ڳولِ، ڪَنھِن جَنھِن ٻولِ، چوٽا ڇوڙِين ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجِ جوڳُ، خادِمَ خَلَقَ جِيئَن ڪَرِيين، اِيءُ راوَلَ وِڌو روڳُ، ڀَڳَنِ ڪونِهي ڀوڳُ، نانگا…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، جاڳَرُ جوڳِيَڙَنِ جو، ساري سَناسِيَنِ کي، جانۡ رُوندِينءَ تانۡ رو، پَسُ پاسِئان تو، لاھُوتِي لَڏي وِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، ڏِٺُم تارِ تَرَڪُ، ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ، رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- پيھِي وِئا پاڻ ۾، ٿا وھسَنِ ويروتارَ، لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ، سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ ڪَڇَ ڪاڇوٽِي، سامِيءَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابُوءَ باھوٽِي، جوڳِي جَبَروتِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ، روزو رِندَ رَکَنِ، عِيدَ نَہ اوڏا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي، نَڪِي ڳالَهائِينِ، ڪَنھِن جَنھِن ۾ آھِينِ، سا پَرِ پَروڙَڻُ ڏاکَڙو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو پِيران، ڪَنِ مَ ڪِجِ ڪاپَڙِي، جيڪِي چَويئِي ماءُ، تَہ راوَل مَٿي راھَ، اُجُرِي اَڇو ٿِيين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا، جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ، جِيئَن پارو پَوارا ڪَري،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ، پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو، ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو، آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ روشِ رَوَنِ، نَہ ڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نَڪو بِهشِتُ گُهرَنِ، نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَہ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ، دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ، ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو، تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو، لَا…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ ۾ مالا، سامِي سيئِي، جَنِ کي مُنھَن ۾ مُنڊا، پيٺا سي مَڙِهيءَ ۾، الاللهَ، سِيتِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ، پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگَلَ سيئِي ڪوٺِ، پِرِين جٖي پَرَڏيھِ وِئا، جَنِي ريءَ جَھانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ ڳارانجهو ڳوٺِ،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾، اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ، پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون، اُڏامِجِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، صُبحِ سيڻَنِ ڏُونھُون، ڪَري وينَتِيُون وِتَرِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَھُون، ”لالَڻَ ڪونَہ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ، اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ، پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، سُکين نَہ سامِي، اَڃا اورِيين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي، گُرَ کي تُون نَہ گَڏِئو، چائِيين اِنعامِي،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان ٿِي، مُسان ٿِي، خَبَرَ ٻاروچَن جي، ڏُونگَرَ مُون کي ڏي، داڳُ جَنِ جو دِلِ تي،…[ سُر پورب - وايون ]
- سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهنِ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ، جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن، مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سَڌَرُ شَھتِيرَنِ ۾، ڀَرَجَهلو بارِي، مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي، سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي، پُڇي سي پارِي، جَي عاجِزُ…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو، ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي، سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ، سَمي جي سُھاڳَ جِي، ڪَنھِن نَہ پيئِي ڪَلَ، مِٽِي اِيءَ مُرسَلَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀَ اَنِيراءِ، جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا، مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مِيرَ، مِٽِي اِنَ خَمِيرَ، اَصلِ ھُئِي ايتَرِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ، اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ، تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ، سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ، اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَنھِن ڏيھَ ڍَيا ڏيئِي، لُڏِئا ٿي لِينگُنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئِي، سَمي سَڀَيئِي. طاماعُو تارِ ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي ڏي وِلَهنِ ويلا، ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا، سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو ويلو ڪَنھِن نَہ وِجهي، سَمُو تَنِ سَنَڃي، جٖي اَڻَ تِوڻِئا عالَمَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ، سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ، سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ، پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو، دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي، ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- اُڌَمِئو اوڙاھُ، لَکين وَھنِ واھُڙا، سَمي سَرو چِڪايو، پِيئي شاھُ گَدا، راھُوءَ جِي رِھاڻِ ۾، نَڪو ڊَپُ نَہ ڊاءُ، ھوتاڻِيءَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ ٻِئا چَڙَھنِ، تَہ ڪوھُ کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سُڀَرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِھارِجِ سُڀَرو، ڏِيندُءِ لَکَ لَطِيفُ چئَي، راڄِ راھُوءَ جي رَسُ، وِلِها جَنھِن وَنِھِئان ڪِئا، پاڳَ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جَي وِڪامي پَدَمَ، سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو نَہ رَھي، ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ، گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ، مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.[ سُر بلاول - وڳند ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ، گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ، عَطُرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئَين سَدائِين سُرخِرُو.[ سُر بلاول - وڳند ]
- دائِمُ آھي دَرَ تي، وِڳَندُ ويچارو، عَطُرَ سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ويٺو پَسُ، تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلودو آزارَ سين.[ سُر بلاول - وڳند ]
- اَسُورَ سَندو آسِرو، وِڳَندَ کي وَڏو، جُسي ۾ جَڏو، کِئَڻَ تي کُڙا کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي، جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي، آھي…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- جَي وارو نَہ ڏي، توءِ مُنھِنجو وَلَهو، آئُون تَنھِن آساري، ويٺِي وِلِهُون گهارِيان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- توءِ مُنھِنجو وَلَهو، جي وارو نَہ ڏي، آئُون تَنھِن ڀَلي کي، پاڻُ پَرَنِيان ڪيتِرو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا، ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- کَڻِي ھارُ ھَڻِي، پَلَنگَ سِرِ پِٿُون ڪَرِيان، وِينڊَڙِئارو وَلَهو، وِئو چِتُ کَڻِي، سو پِٿُون ٿِئي پَڻِي، مانَ سَرِچي مُون پِرِين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو، مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ، ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ، تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ، ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ، ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- اُٿِي سورِ ٻُھارِ، لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، ڍولو اڱَڻَ ٻَھارِ، ڪانڌُ ڪَمِيڻِي آيو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان لُڇُ مَ اِيتِرو، ويئِي ڳالِهہ ھَٿان، چَنيسَرَ ڪانڌا، ڪونَہ پُنُو تو ڪاڄَڙو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لَکَڻَ ڪِيمَ ڳَڻيجِ، جِيئَن مُورائِين ناھِ مُون، مُون کي مَلَهائِيجِ، وارو ڏيئِي وَلَها.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي، تَہ روئِي رِيجهائِيجِ، لِيلان لِيلائيجِ، اَٿيئِي ماڳُ مِنَٿَ جو،[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانَہ پَروڙَ، مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ، سامُھان ٿِئمِ، سُورَ، وِئو وِلِٽي وَلَهو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ، چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ، تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو مُون، لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون، اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ، سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ، مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- اَسان تُونھِين تُون، توھُ تُنھِنجو آسِرو، تَنَ اَندَرِ تَعويذُ ڪَري، مَڙِهئو آھي مُون، مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ڪِ ويَڙين وِسَرِي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو، کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ، ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ، چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪَونئُروءَ ڪوسو چاڙِھئو، تُون لِيلان پَنھنجو لاھِ، سَندي ھارَ اُھاءِ، وَڃِي اورِ اَرِٽَ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مُون تي وَھرَ وَرِي، وَرَ وَرِي، وارو ڏِيندُومِ وَلَهو، توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي، اَسان تو ري ناھِ ڪا،…[ سُر ليلا - وايون ]
- ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو گاھُ، مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو، خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو، نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي…[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو، تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڏُونگَرِ لَڳَنِ ڏِينھَن، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، آيَلِ ٻاروچَنِ جي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، روئِي ٿِئا رَتُ، پُنهونءَ ھوءِ پَهَتُ ، پارِي نيڻُ پاڻَ سين.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، روئِي رَتُ ٿِئا، جي ھَٿان ھوتَ وِئا، سي اَچَنِ تَہ آجِي ٿِيان.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، رَتُ ٿِئا روئِي، ڏُکَنِ جِي ڏوئِي، آھي ھَٿ اَسُونهِہ جي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڊِگهي اَڏِ مَ مَنَھِين، پَکو اَڏِ مَ لانڍُ، اَڏِئو جَنِ وِرانڍُ، تَنِ سَوارو لَڏِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو، ڪَلَرَ کاڌِي ڀِتِ، تُون نَہ رَھَندين ھِتِ، ڪَھڳَلَ ڪَرِيين ڪَنِ کي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- روھِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پُڻ ھَلَڻَ ھارِيُون، ڪَرَڳَلُ ڪُونجَڙِيُنِ، رائي ۾ راتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- چُڻي نَہ اُڀِي روءِ، سارِئو سارِئو پِرِيَنِ کي، ھِنيَين جِهڄندي چوءِ، آئُون ڦوڙائِي آھِيان.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- قِسمَتَ آندِيُون ڪُونجڙَيُون، وَطَنُ سَندُنِ روھُ، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- مَ لَئُن ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيَين چاڪَ، ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گهَرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪُونجُنِ کي ڪِيمَ چَئُہ، جٖي ٻاجهارو ٻولِينِ، سارئو سانبِيَڙَنِ کي، رَڙِيُون ڪِئو رُئَنِ، سائِين سَندا اُنِ، ٻَچا ميڙِيين ٻاجَهہ سين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ريٻارِڻِ ريجهاءِ، لاکو لُولاٽِنِ سين، سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ريٻارِڻِ روئِي، واڙي پاتا وَڇَڙا، سَمُورا سوئِي، ھَڻي ساٿَ ھيڪَلِي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ، ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگهَرَ ڍارَ، وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ، ڪاڇي ٻِنِهي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا، کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ، واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو، پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ…[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- راءَ سين رُٺا جٖي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي، ڪِيئَن ماڻِيندا سي، چوڏَھن چارو ڪَڇڙو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جُهري ڏيئِي جهوڪَ، ٻَنِئان ٻَھرَ مَ نِڪِرو، لُوڻي مَٿان لوڪَ، لاکي گَهڻا لَڏائِيا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- ھيٺِ کَٿو ميرو مَٿو، لِڱَ ڀَڪُلِئا ڌُوڙِ، اُٿِيَنِ جي اَسُورِ، لاکا جِمَ لَڄائِيين.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- ڪالُهُون پوءِ لَڪَنِ ۾، مُنھِنجي نِنڊَ نَہ نيڻَنِ نيڻَنِ، ڪالُهُوڻان اَڄُ گهَڻِي، ڪَرَ جهورڙِي ڪيڻَنِ، ھِينئَڙو ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، روئِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين، ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا، سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون صاحِبُ آئُون سَڳُ، پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون پارَسُ آئُون پينارُ، ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏَڏُ، سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُنبيرو تاڻي، چارَڻُ چوٽاڻِيءَ مَڻي، اَتارا آڻي، جَنھِن نَماڻِئا مَڱَڻي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ، مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو، سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ، توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُڀِرئِو تارو، اُٿِي وَرَ وِھاڳُ ڏي، سَٻَڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي، مڱڻين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جَنِ سُکوئِي ناھِ ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ، روُنجهي راھَ پُڇَنِ، مَٿي ڪُلَهنِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ، مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن، تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙئا جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِئو اَگهايو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ مَرُ رَنڍا ئِي روڙي، سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري، ٿُلِهي ۽ ٿوري،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ، آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ، لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ، جٖي…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ، سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ، قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ٽَڪُ وِنگِي وَرَ گَهڻا، ڪَتان ڪُڄاڙو، ڪاپي مَٿان ڪيتِرو، آڻِيان اُڌارو، جَي وَرُ ڏي وارو، تَہ سُونھان سَرَتِيُنِ وِچَ ۾.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَرَکو ڏي نَہ چَسَ، ڀيرِيان ڀيرِئو نَہ ڀِري، مُون کي ماري مَسَ، ڪَتائِيندِيُون ڪيتِرو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڳَرِيُنِ مَ ڳَرَھيجِ، روئِي ڪِجِ مَ پَڌِرا، تان سُوراڻِي سَھيجِ، جانۡ لاھِيندڙُ ڪو لَھين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي، سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- مُون مَنجِهين مِينھُن، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين، سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِريان جو نَہ لَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو، ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ، سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- چيتارِيان چُڻِڪَن، وِسارِيان نَہ وَري، ويرو تارِ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀڳي ھَڏُ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو، وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو، تَنِي حالُ ڪِھو،…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اُتَرُ اوتُون ڏي، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ، اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ وَڏو ڪَمُ، اُو ڪو ٻِئو فَھَمُ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو، وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو، ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا، اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ، جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- پُورِيُون پِرِين پَسَنِ، اُپَٽِيان تَہ اَنڌِيُون، وَڃِئو روزُ رَسَنِ، حَبيباڻي حُجري.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ سَندونِ، ڪُفُرَ ۽ اِسلامَ کان، پَري پيرُ پِئونِ، اُتي آھيرونِ، جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪِري، اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻو، ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو، ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو، اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ، رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ، ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- لوڏاڻي لَکُ لَھي پاٻوھِئو ڪِروڙَ، اَکڙِيُون ڀَرپُورَ، جٖي سَڃِيينِ توءِ سَھاڳِيُون.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ، آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ، توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اَوڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ، ٻَھُون ٻاروتَڻَ ۾، ڪي ڪَبِيرَ ڪِئامِ، سيئِي سي سَرِئامِ، سُکَنِئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ دَنبُورو جَنِ، تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ، وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- اَللہُ سُڃاڻَڻُ سُٿِرو، جي ھِنيُون ڇَڏيئِي ھورُ، تَہ ڪِرپا ٿِييئِي ڪَکَنِ ۾، ڪونَہ ڪوٺِيئِي چورُ،[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]
- اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين، وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين، جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،…[ سُر آسا - وايون ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ، ڀائُنِ ڀيرو نَہ ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ، اِھَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڇوٽِيءَ نَرِيءَ مُکِٽِيءَ تَرِيءَ، ڇوٽو ڪيھَرِ پاڻِ، گَجي تَہ گينوَرَ ھَڻي، ٻِئا مِروُن آسان.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪُرَھو ڪيھَرِيا، پَسو واگُهہ وِلاڙِيو، ٻيٽو ٻاپَ مُلان، ذَرو ضايَع نَہ ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ، آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ، جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- اِيءَ ڪيسَر جِي ڪارِ، جِيئَن ھاٿيءَ کي ھَٿُ ھَڻي، جَي وِيھين واڳِيين ويڙھئو، توءِ لانجهو ڪِيمَ نِھارِ، ڪِلي ويرَ قَرارِ،…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- روجَهہ نَہ پَڪَڙِجَنِ، مَتا جي ماھِ گَهڻين، ڪِجي سَڱُ سِينھَنِ سين، واڪي جٖي وَرَنِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ کي ڏِجِ مَ ڳَلُ، تُو ھُماءِ ڏي ھَلُ، شِڪرو ساڻُ کَڻِي.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ، ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ، جو ٻَھُون پاري…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ، اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ، ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ، ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ، مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو، گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مُون ساڻيھُ سُڃَ ۾، وَڻَ وَطَنَ جا ڏُورِ، آندِي ڪَنھِن ضَرورَ، ڪاڻِيارِي مارُئِي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ساڻيھُ مُون سُڃَ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ميرو مُنھُن ٿِئومِ، وَڃَڻُ تِتِ پِئومِ، جِتِ ھَلَڻُ ناھِ حُسُنَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، سِکِرَنِ جِھَڙِي سُونھَن، دِلِ ۾ دُکِي دُونھَنِ، مُنھِنجو مُنھُن ميرو ڪِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- مارُوئَڙيءَ روئِي، ٿَرِ نِياپا چايا، آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾، جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ، پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا، مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا، ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ، سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ، سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- کَٿيرو ئِي خُوبُ، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، ميرو ئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَڃِئو.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ڪَرايُنِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ، سي مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران، پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران، ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- نَہ ڀُلِڪارَ نَہ ڀُلَ، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، روڙِئو رَتا گُلَ، مارُو پاڻِ اَمُلَ، مَلِيرونِ مَرَڪَڻُو.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَنِ ۾، وارو ويسَلِيُنِ کي، ڏِينھان ڪو نَہ ڏي، مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- وَرُ اُهائِي ويرَ، جِيئَن ڌَڻُ تَسي تَڙِ آيو، سَرَتِيُنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍَيرَ، هِينئَڙي اُنَ جِي هيرَ، ٿو…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ، ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ، ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جِي، مَڱَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- هُنَ ڀِرَندِيءَ ڀُون، گُسَ نَہ لَڳِئَمِ گَسَ جِي، آيسِ عُمَرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون، جادُنِ پييُون جُون، ڪِيئَن مَرَڪان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- عُمَرُ چاڙِهي اُٺِ تي، پُڄِي نِيو پَنوهارِ، ڏِنُو ڏاڍي بَندَ ۾، سُومَرو سَنگَهارِ، نيئِي ٿَرِ آڳِٽِئو، پُرسُ پَرائِيءَ نارِ، مارُو…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري، مَلِيرُ سارِئو مارُئِي، رويو رُئاڙي، اَلا اوتاري، مُنڌَ مارُوءَ جي مڙِيين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ، ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ، ڳِنِهي وَڃان لوءِ، لارُون جٖي لُڙڪَنِ جُون.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- تَنھِن کُڻِ ٿِي کِنواءِ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻَنِ جِي، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رويو راتِ وِهاءِ، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ، عُمَرَ بَندِياڻِيَنِ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کاروڙِئا کَڻِي، ويڙِهِي جَهپَ وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا، پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا، ڏيھِي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اَڇا ڪوٽَ پَٽَنِ ۾، ٿو عُمَرُ اَڏائي، ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي، ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻِ، جِيئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، آئُون تِيئَن سُورَنِ ساڻِ، ڪِجاھُ ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ، پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ ڪِيھُون، اِتي اَچَنِ اَڳھَيِن، وانڍِنِ جُون وِيھُون، ميڙِيندوءِ مِيُون، مِينھين اُٺي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانھُون، سُتي لوڪِ سَيِّدُ چئَي، ٻيئِي کَڻُ ٻانھُون، لَڌيُئِي جِتِ لائُون،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- هَي هَنڌَ، هَي ڀيڻِيُون، هَي پَنوَهارَنِ پُورَ، چارِيا ٿي چُوڙيرِيين، وَرَنِ ۾ وَهَلُورَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، سامُھان ٿِئَڙَمِ سُورَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ، اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ، مُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مُون مَھِندارُ، أُولَئِڪَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ ، ماڳَ سَندَنِ موچارَ، وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، ٿا پِيَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا، آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا، عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي. اِلاهِي عِنايَتَ سين، سِيلُ نِباهِئو سَچي، کَنڊون کائِي کِيرَ سين، مارُوءَ ريءَ ڪِيئَنِ مَچي، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا، تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان، ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،…[ سُر مارئي - وايون ]
- مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ جو مُنھِنجو، مُنھُن مُنھِنجو سُومَرا، مَرُ ميرو ئِي هوءِ، ڌوتوءِ ڌوراڻِنِ ۾، مَتان مارُو چوءِ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]
- تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان، دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين، اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا،…[ سُر مارئي - وايون ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ٽِڙَنِ، واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ، اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ، لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪو جو ڪامَڻُ مي، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني، عِشقُ اِيئَن ڪَري، جِيئَن ڄارو ڄامَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري، نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ، نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَڪِي کِکِي کاءِ، ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکِيائِين پِڃِرو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي، گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي، تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ، ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ، ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ مِڙيئِي ھَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناھِ ڪو، جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سَرَ سُڪي سالَ ٿِئا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ، ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ، پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ مَ ميرو وَتُ، جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، جِيءُ مَ جَنجَلَ گهَتِ، سِرُ تان سَرَ ڪيتِرا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ، پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ، ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو، وَعدي جو نَہ وَرِئو،…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو، جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ، نانگَ نَہ ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ، ھِيءُ تَنِ جو ڍيرُ، جَنِ جُهونا…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- آءُ نانگَ ٻِرَنِئان نِڪِري، ھِيءَ مُوران سَندِي جاءِ، گاروڙِي گِرنارَ جو، کَڻِئو کَپُرَ کاءِ، تَنِي لَيءِ واجهاءِ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- ھَنجَ ھُوندَ ڙي ھيجُ، ڪيرُ ڪَرِيندو ٻَگهَہ سين، ماڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، موتِي سَندُنِ ڏيجُ، سَرَ ۾ سُکائُون ڪَري، روئِي…[ سُر ڪارايل - وايون ]
- ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو، لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو،…[ سُر ڪارايل - وايون ]